Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 30:2 - Muslim Sindhi Bible

2 ”جڏهن ڪو ماڻهو خداوند آڏو ڪا باس باسي يا ڪو خاص فرض ادا ڪرڻ لاءِ پاڻ کي ٻڌل رکڻ جو قسم تي عهد ڪري، تہ پوءِ هو پنهنجو قول نہ ڀڃي، بلڪ جيڪي زبان مان نڪتو هجيس سو پورو ڪري.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 تہ جڏهن ڪو ماڻهو خداوند جي حضور ۾ ڪا مڃتا مڃي يا قسم کڻي، ۽ ڪو خاص فرض ادا ڪرڻ لاءِ پاڻ کي ٻڌل رکي، تہ پوءِ هو پنهنجو ڪيل قول نہ ڀڃي؛ پر جيڪي سندن واتان نڪتو هجي، انهي موجب سڀ ڪجهہ پورو ڪري.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 30:2
36 Iomraidhean Croise  

تڏهن تون خدا کان جيڪا بہ دعا گھرندين سا هو قبول ڪندو، ۽ تون پنهنجيون باسيل باسون پوريون ڪندو رهندين.


هائو، جڏهن ماڻهو عبادت لاءِ گڏ ٿيندا تہ آءٌ سندن روبرو، خداوند آڏو پنهنجيون اهي باسون پوريون ڪندس.


جڏهن ماڻهو عبادت لاءِ گڏ ٿيندا تہ آءٌ سندن روبرو، تو خداوند آڏو پنهنجيون اهي باسون پوريون ڪندس.


مون جيڪو قسم کنيو آهي تنهن تي قائم آهيان، تہ آءٌ تنهنجي سچن قاعدن قانونن تي عمل ڪندو رهندس.


اهي پنهنجيءَ زبان سان ڪڏهن بہ ڪنهن جي گِلا نہ ٿا ڪن، نڪي هو ڪنهن سان ڪا بدي ٿا ڪن، ۽ نہ ئي وري ڪنهن تي ڪا تهمت ٿا هڻن.


آءٌ سندس عنايت سان هيڪل جي وڏي گڏجاڻيءَ ۾ واکاڻ ڪندس. آءٌ سندس عبادت‌گذارن جي روبرو باس جون قربانيون پيش ڪندس.


مون آڏو قربانيءَ طور اوهين شڪرگذاري پيش ڪريو. مون خدا تعاليٰ آڏو اوهين پنهنجيون باسون پوريون ڪريو.


منهنجو دوست جيڪو اڳ منهنجو ساٿي هو، تنهن ئي اسان رفيقن تي پنهنجو هٿ کنيو آهي. هن پنهنجي ڪيل عهد کي ٽوڙي ڇڏيو آهي.


اي خدا! جيڪي باسون مون تو وٽ باسيون هيون، سي آءٌ تنهنجي حضور ۾ شڪرگذاريءَ جي قربانين طور پيش ڪندس.


سو اي بني اسرائيل! اوهين خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ پنهنجيون باسيل باسون پوريون ڪريو. اي آس‌پاس واريون قومون! اوهين سڀيئي هن لاءِ نذرانا آڻيو. هائو، جنهن کان ڊڄڻ واجب آهي تنهن لاءِ اوهين نذرانا آڻيو.


اوهين منهنجو نالو خراب مقصدن لاءِ استعمال نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا هر انهيءَ کي سزا ڏيندس جيڪو منهنجو نالو خراب مقصدن لاءِ استعمال ڪري ٿو.


جلدبازيءَ وچان ڪنهن شيءِ کي خداوند لاءِ مخصوص ڪرڻ، ۽ بنا سوچڻ سمجھڻ جي باس باسڻ سان انسان ڦاسي ٿو پوي.


يا جيڪڏهن ڪو ماڻهو بنا سوچڻ سمجھڻ جي نيڪي يا بدي ڪرڻ لاءِ ڪوبہ قسم کڻي ٿو وجھي، جنهن ڳالهہ جي کيس خبر نہ ٿي رهي، تہ پوءِ جڏهن کيس اها معلوم ٿئي تڏهن هو اهڙيءَ ڳالهہ جو ڏوهاري ٿيندو.


ڏسو، هنن جبلن ڏانهن نهاريو ۽ انهيءَ ڏانهن ڏسو، جيڪو خوشخبري آڻي ٿو، هائو، جيڪو امن جي خوشخبري آڻي ٿو. اي يهوداہ وارؤ! توهين ڀلي پنهنجيون عيدون ملهايو ۽ باسون پوريون ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آئيندہ اهي بڇڙا توهان تي حملو ڪري نہ سگھندا، ڇو تہ کين هميشہ جي لاءِ ناس ڪيو ويو آهي.


تڏهن بني اسرائيل خداوند جي حضور ۾ هڪ باس باسي تہ ”جيڪڏهن تون سچ پچ هنن ماڻهن تي اسان کي فتح ڏيندين تہ اسين هنن جي شهرن جون پاڙون پٽي ڇڏينداسين.“


جيڪڏهن ڪا عورت پنهنجي مڙس جي گھر ۾ رهندي ڪا باس باسي يا ڪو خاص فرض ادا ڪرڻ لاءِ پاڻ کي ٻڌل رکڻ جو قسم تي عهد ڪري


اوهين ڀلي پنهنجن ٻارن ٻچن لاءِ شهر ۽ پنهنجين رڍن ٻڪرين لاءِ واڙا ٺاهيو، پر جيڪو اوهان واعدو ڪيو آهي سو پورو ڪريو.“


مصيبت آهي اوهان لاءِ اي انڌا اڳواڻؤ! اوهين چئو ٿا تہ ’جيڪڏهن ڪو هيڪل جو قسم ٿو کڻي تہ اهو ان جو پابند نہ آهي، پر جيڪڏهن ڪو هيڪل ۾ پيل سون جو قسم ٿو کڻي تہ اهو ان جو پابند آهي.‘


اوهين ائين بہ چئو ٿا تہ ’جيڪڏهن ڪو قربان‌گاهہ جو قسم ٿو کڻي تہ اهو ان جو پابند نہ آهي، پر جيڪڏهن ڪو قربان‌گاهہ تي ڏنل نذر جو قسم ٿو کڻي تہ اهو ان جو پابند آهي.‘


ٻئي ڏينهن صبح جو ڪي يهودي اچي گڏ ٿيا ۽ هڪ سازش سِٽيائون. انهن پاڻ ۾ قسم کنيو تہ ”جيستائين اسين پولس کي نہ مارينداسين، تيستائين اسين ڪابہ شيءِ نہ کائينداسين نہ پيئنداسين.“


پوءِ اهي سردار ڪاهنن ۽ يهودي ڪائونسل جي ٻين چڱن مڙسن وٽ ويا ۽ چيائون تہ ”اسان گڏجي قسم کنيو آهي تہ جيستائين پولس کي نہ ماريون، تيستائين ڪابہ شيءِ نہ کائينداسون.


پر اوهين سندن چيو نہ مڃجو، ڇاڪاڻ تہ چاليهن کان بہ وڌيڪ يهودي ماڻهو رستي تي لڪي ويهندا، جن قسم کنيو آهي تہ جيستائين هو پولس کي نہ ماريندا، تيستائين نڪي کائيندا نڪي پيئندا. سو هو هاڻي سنبريا ويٺا آهن، رڳو اوهان جي فيصلي جو انتظار اٿن.“


سو جيڪڏهن آءٌ سچ نہ ڳالهايان تہ شل خدا منهنجي خلاف ٿئي. ڳالهہ هيءَ آهي تہ آءٌ ڪرنٿس ۾ انهيءَ ڪري موٽي نہ آيس تہ متان اوهان کي رنج پهچايان.


پوءِ افتاح جِلعاد جي اڳواڻن سان گڏ ويو ۽ اتان جي ماڻهن افتاح کي پنهنجو اڳواڻ ۽ سردار بڻايو. افتاح مصفاہ شهر ۾ خداوند جي آڏو سردار مقرر ٿيڻ وارا شرط ٻڌايا.


ٻن مهينن گذرڻ کان پوءِ هوءَ پنهنجي پيءُ وٽ موٽي آئي. تڏهن هن جيڪا باس باسي هئي تنهن موجب ساڻس هلت ڪيائين. سو هوءَ مرڻ تائين ڪنواري رهي. تنهن بعد بني اسرائيل ۾ اهو دستور ٿي ويو


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan