Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 30:15 - Muslim Sindhi Bible

15 پر جيڪڏهن ٻڌڻ کان ڪجھہ ڏينهن پوءِ هو انهن کي رد ٿو ڪري، تہ پوءِ هو پنهنجيءَ زال جي باس يا خاص فرض پوري نہ ڪرڻ واري گناهہ جو ذميوار پاڻ آهي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

15 پر اهي ٻڌي پوءِ جڏهن هو انهن کي رد ڪندو، تہ سندس زال جو گناهہ سندس سر تي ايندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 30:15
7 Iomraidhean Croise  

”جيڪڏهن ڪو ماڻهو اهو گناهہ ڪري ٿو جو جڏهن شاهدي ڏيڻ وقت کيس قسم ڏنو وڃي، تڏهن جيڪي ٻڌو يا ڏٺو هجائين سو نہ ٻڌائي تہ انهيءَ جو ڏوهہ مٿس پوندو.


پر جيڪڏهن سندس مڙس اهو ٻڌي کيس منع ڪري، تہ پوءِ هوءَ پنهنجي باس يا خاص فرض جيڪو سندس زبان مان نڪتو سو پورو نہ ڪري، ڇو تہ مڙسس انهيءَ کي رد ڪري ڇڏيو. خداوند کيس ڇڏي ڏيندو.


پر جيڪڏهن هن جو مڙس جنهن ڏينهن اهو ٻڌي تنهن جي ٻئي ڏينهن تائين کيس ڪجھہ بہ نہ چوي تہ سمجھبو تہ هن کي پنهنجيءَ زال جي باس يا خاص فرض تي ڪوبہ اعتراض ڪونہ آهي. اهڙيءَ طرح هن انهيءَ ڳالهہ کي بحال رکيو آهي، ڇو تہ تنهن ڏينهن هن کيس ڪجھہ بہ نہ چيو.


مڙس ۽ زال جي وچ ۾ ۽ پيءُ ۽ ڌيءَ، جيڪا ڪنوارپ دوران پنهنجي پيءُ جي گھر ۾ رهندي هجي، تنهن جي وچ ۾ باس باسڻ بابت اهي ئي قانون آهن، جيڪي خداوند موسيٰ کي ڏنا.


پر جيڪڏهن سندس پيءُ جنهن ڏينهن اهو ٻڌي کيس منع ڪري، تہ پوءِ هوءَ پنهنجي باس يا خاص فرض پورو نہ ڪري. خداوند کيس ڇڏي ڏيندو ڇو تہ سندس پيءُ کيس موڪل نہ ڏني.


پر جيڪڏهن سندس مڙس اهو ٻڌي ۽ انهيءَ کي رد ڪري، تہ پوءِ هوءَ تڪڙ ۾ باسيل پنهنجي باس يا خاص فرض پورو نہ ڪري. خداوند کيس ڇڏي ڏيندو.


سو جيئن تہ اوهين سڀيئي عيسيٰ مسيح جا ٿي ويا آهيو، تنهنڪري اوهان ۾ يهودي يا غير يهودي، غلام يا آزاد ۽ مرد يا عورت جي الڳ سڃاڻپ نہ رهي آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan