Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 3:9 - Muslim Sindhi Bible

9 تون لاوين کي هارون ۽ سندس پٽن جي حوالي ڪري ڇڏ. بني اسرائيل منجھان اهي سندن خدمت واسطي ئي کين ڏنا ويا آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 ۽ تون لاوين کي هارون ۽ سندس پٽن جي حوالي ڪري ڇڏ: اهي بني اسرائيل جي پاران هن کي ڏنا ويا آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 3:9
15 Iomraidhean Croise  

پوءِ دائود چيو تہ ”لاوين کان سواءِ ٻيو ڪوبہ خدا جي عهد واري صندوق نہ کڻي اچي، ڇاڪاڻ تہ اهي لاوي ئي آهن جن کي خداوند پنهنجي عهد واري صندوق کڻڻ ۽ هميشہ تائين انهيءَ جي خدمت ڪرڻ لاءِ چونڊيو هو.“


انهن نگرانن جو شجرو هن طرح آهي. قهات جي خاندان مان هيمان ولد يوايل سازندن جو وڏو نگران هو. سندس شجرو هي آهي: هيمان ولد يوئيل ولد سموئيل


اهي گھراڻا جيڪي هيڪل جا خدمتگار هئا ۽ جلاوطنيءَ مان موٽي آيا، سي هي هئا: بني ضيحا، بني حُسوفا، بني طبعوت،


موسيٰ جي ڪتاب ۾ لکيل هدايتن مطابق هنن ڪاهنن کي، پنهنجي پنهنجي حصي موجب ۽ لاوين کي پنهنجي پنهنجي ٽولي موجب، يروشلم ۾ خدا جي هيڪل جي خدمت لاءِ مقرر ڪيو.


هو هيڪل جي خدمتگارن مان ٻہ سؤ ويهہ ڄڻا پڻ وٺي آيا جن جي ابن ڏاڏن کي دائود ۽ ان جي عملدارن لاوين جي مدد لاءِ مقرر ڪيو هو. سڀني جا نالا درج ٿيل هئا.


ڇا اها ننڍي ڳالهہ آهي جو بني اسرائيل جي خدا اوهان کي پنهنجي قوم مان چونڊي ڌار ڪيو آهي تہ جيئن اوهين کيس ويجھا وڃو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين خداوند جي مقدس خيمي جي خدمت ڪريو ۽ قوم جي سامهون بيهي انهن جي بہ ديني خدمت ڪريو؟


جڏهن انهيءَ مقدس خيمي، جنهن ۾ عهد واريون تختون رکيل آهن، تنهن ۾ تون ۽ تنهنجا پٽ خدمت ڪندا هجو، تڏهن تون پنهنجي مائٽن يعني اباڻي لاوي قبيلي وارن کي پاڻ سان گڏ آڻيندو ڪر تہ جيئن اهي تنهنجي خدمت ڪندا رهن.


بلڪ اهي خيمي جي سموري سامان جي سنڀال ڪن ۽ بني اسرائيل جي پاران خدمت ڪن.


کين بني اسرائيل مان ڌار ڪر، تہ جيئن اهي منهنجا ٿين.


مون انهن کي بني اسرائيل جي سڀني پهريتن پٽن جي بدلي پنهنجي واسطي چونڊيو آهي، سو اهي سڀيئي رڳو منهنجا ئي آهن.


پر هاڻ بني اسرائيل مان سڀني پهريتن جي عيوض مون لاوين کي کنيو آهي.


بني اسرائيل مان سڀيئي لاوي مون هارون ۽ سندس پٽن کي ڏنا آهن. اهو انهيءَ لاءِ تہ هو مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ بني اسرائيل جي جاءِ تي خدمت ڪن ۽ بني اسرائيل جي لاءِ ڪفارو ادا ڪندا رهن، تان‌تہ جڏهن بني اسرائيل مقدس خيمي جي ويجھو اچن تہ مٿن مصيبت نہ ڪڙڪي.“


مسيح پنهنجي بخشش وارو فضل اهڙي نموني ورهايو جو ڪن کي رسول، ڪن کي خدا جو پيغام ڏيندڙ، ڪن کي خوشخبري ٻڌائيندڙ ۽ ڪن کي ڪليسيا جا نگهبان ۽ استاد مقرر ڪيائين.


انهيءَ ڪري ئي پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”جڏهن هو مٿي چڙهي ويو، تڏهن قيدين کي پاڻ سان وٺي ويو، ۽ ماڻهن کي سوکڙيون ڏنائين.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan