Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 3:7 - Muslim Sindhi Bible

7 اهي مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي سنڀال ڪن ۽ جيڪو ڪم کين هارون ۽ پوريءَ قوم جي طرفان سونپيو وڃي سو پورو ڪن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

7 ۽ انهي جي طرفان، ۽ ساري جماعت جي طرفان، جيڪي کين سونپيو وڃي تنهن جي نگهباني ڪن، ۽ عبادت جي خيمي جي نگهباني ڪن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 3:7
13 Iomraidhean Croise  

هنن جا ٻيا لاوي ڀائر خدا جي هيڪل جي خزانن ۽ وقف ڪيل شين جي خزانن جا نگران هئا.


يحي‌ايلي جا ٻہ پٽ ايتام ۽ يوايل هيڪل جي خزانن جي مٿان نگران هئا.


۽ سندس مائٽ انهن سڀني وقف ڪيل شين جي گودامن جي مٿان نگران هئا، جيڪي شيون دائود بادشاهہ توڙي گھراڻن جي وڏن، لشڪر جي هزارن ۽ سون جي ٽولن جي سالارن ۽ سپهہ‌سالارن وقف ڪيون هيون.


اوهين ستن ڏينهن ۽ ستن راتين تائين خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ ۾ ويٺي خداوند جي حڪم جي تعميل ڪندا رهجو، نہ تہ اوهين مري ويندا. خداوند مون کي اهڙو ئي حڪم ڏنو آهي.“


بلڪ تون لاوين کي مقرر ڪري ڇڏ تہ جيئن اهي ئي اهو مقدس خيمو جنهن ۾ عهد واريون تختون رکيل آهن، ۽ انهيءَ جو سمورو سامان کڻن، انهيءَ جي خدمت ڪن ۽ اهي ئي خيمي جي ٻاهران چوڌاري منزل ڪري رهن.


پر لاوي پنهنجا تنبو مقدس خيمي جي چوڌاري هڻن. اهو انهيءَ لاءِ تہ متان ڪو انهيءَ جي ويجھو اچي ۽ آءٌ بني اسرائيل قوم تي پنهنجو غضب نازل ڪريان. لاوي ئي مقدس خيمي جي سنڀال جا ذميوار آهن.“


هارون ڪاهن جو پٽ اليعزر، لاوين جو وڏو سردار هو. جيڪي مقدس خيمي جي سنڀال ڪندا هئا، تن مٿان هن کي مقرر ڪيو ويو هو.


بلڪ اهي خيمي جي سموري سامان جي سنڀال ڪن ۽ بني اسرائيل جي پاران خدمت ڪن.


باقي قوم واري اڌ حصي مان هر پنجاهہ مان هڪڙو خواهہ قيدي ماڻهن مان خواهہ ڍورن ڍڳن مان، گڏهن مان خواهہ رڍن ٻڪرين مان وٺي لاوين کي ڏي، جيڪي مون خداوند جي خيمي‌گاهہ جي سنڀال ٿا ڪن.“


هارون لاوين کي مون خداوند جي حضور ۾ بني اسرائيل جي پاران مون لاءِ مخصوص حصي طور پيش ڪري، انهيءَ لاءِ تہ هو منهنجي خدمت ڪرڻ لاءِ مقرر ٿين.


ان کان پوءِ ئي اهي مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ داخل ٿين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan