ڏاکڻي پاسي روبن جي خيميگاهہ جي نشان هيٺ پنهنجي پنهنجي قبيلي موجب پنهنجن سردارن جي اڳواڻيءَ ۾ هڪٻئي جي ڀرسان جيڪي پنهنجا تنبو کوڙين، سي هن ريت هجن. بني روبن جو سردار شديور جو پٽ اليصور ٿئي.
انهن مان جن نرن جي عمر هڪڙو مهينو ۽ انهيءَ کان مٿي هئي، تن سڀني جو شمار ڪيو ويو، جن جو تعداد اٺ هزار ۽ ڇهہ سؤ هو. مقدس خيمي جي پاڪ شين جي سنڀال انهن جي ذمي هئي.