Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 3:20 - Muslim Sindhi Bible

20 مراريءَ جي نسل مان هي آهن: محلي ۽ موشي. اهي لاوي قبيلي جا وڏا هئا ۽ انهن جي نالن پٺيان لاوي ڪٽنب سڏجن ٿا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

20 ۽ مراريءَ جا پٽ، سندن خاندانن موجب هي آهن: محلي ۽ موشي. سو لاوين جا خاندان، سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب اِهي آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 3:20
15 Iomraidhean Croise  

مراري گھراڻي مان عساياہ، پنهنجي ٻہ سؤ ويهن مائٽن سميت آيو،


يدوتون سان گڏ سندس ڇهہ پٽ جِدلياہ، ضري، يسعياہ، سمعي، حسبياہ ۽ متتياہ هئا، جيڪي پنهنجي پيءُ يدوتون جي نگرانيءَ هيٺ سارنگيون وڄائيندي خداوند جي شڪر ۽ تعريف سان سندس ڏنل پيغام ٻڌائيندا هئا.


مراريءَ جا پٽ محلي ۽ موشي هئا. لاوي قبيلي جا گھراڻا سندن ابن ڏاڏن مطابق هي آهن.


مراريءَ جو اولاد پيڙهي بہ پيڙهي هي هو: محلي، لبني، شمعي، عُزہ،


تڏهن هي لاوي ڪم لاءِ اُٿي کڙا ٿيا: بني قهات مان، محت ولد عماسي ۽ يوايل ولد عزرياہ، بني مراريءَ مان، قيس ولد عبدي ۽ عزرياہ ولد يهللئيل، بني جيرشون مان، يوآخ ولد زمہ ۽ عدن ولد يوآخز،


سڀيئي ڪاهن پنهنجي پنهنجي گھراڻن موجب نسب نامي ۾ داخل ٿيل هئا، جڏهن تہ اهي لاوي جيڪي ويهن سالن يا ويهن سالن کان مٿي عمر وارا هئا تن جا نالا پنهنجي پنهنجي مقرر خدمت ۽ ٽولي مطابق نسب نامي ۾ داخل ٿيل هئا.


لاويءَ کي ٽي پٽ هئا: جيرشون، قهات ۽ مراري. انهن جي نالن تي لاويءَ جا گھراڻا هئا. لاويءَ جي عمر هڪ سؤ ستٽيهہ سال هئي.


مراريءَ کي ٻہ پٽ هئا: محلي ۽ موشي. لاويءَ جي ٽنهي پٽن مان لاويءَ جي گھراڻن جو نسل وڌيو.


قهات جي نسل مان هي آهن: عمرام، اضهار، حبرون ۽ عزي‌ايل.


جيرشون جي نسل مان لبني ۽ شمعي نالي ٻہ گھراڻا هئا.


محلي ۽ موشي ڪٽنب مراريءَ جي نسل مان هئا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan