خداوند جي حڪم موجب موسيٰ جي معرفت هر هڪ کي پنهنجي پنهنجي خدمت ۽ بار کڻڻ جي ڪم تي مقرر ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو، تيئن سندن شمار ڪيو ويو.
پوءِ ڪاهن ويجھو اچن، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان جي خدا انهن کي لاوي قبيلي مان ان لاءِ چونڊيو آهي تہ اهي سندس خدمت ڪن ۽ خداوند جي نالي سان ماڻهن لاءِ خير جي دعا گھرن ۽ هر ڪنهن جھيڙي ۽ خونريزيءَ جو فيصلو ڪن.