Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 3:15 - Muslim Sindhi Bible

15 ”تون لاوين جو سندن نسل ۽ ڪٽنب موجب شمار ڪر. جن نرن جي عمر هڪڙو مهينو يا انهيءَ کان مٿي هجي، تن سڀني جو بہ تون شمار ڪر.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

15 تون بني لاويءَ جو سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب شمار ڪر، يعني جن ڇوڪرن جي عمر هڪڙو مهينو يا انهي کان مٿي هجي، تن سڀني جو تون شمار ڪر.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 3:15
17 Iomraidhean Croise  

سڀيئي ڪاهن پنهنجي پنهنجي گھراڻن موجب نسب نامي ۾ داخل ٿيل هئا، جڏهن تہ اهي لاوي جيڪي ويهن سالن يا ويهن سالن کان مٿي عمر وارا هئا تن جا نالا پنهنجي پنهنجي مقرر خدمت ۽ ٽولي مطابق نسب نامي ۾ داخل ٿيل هئا.


جيڪي مون سان محبت ٿا رکن، تن سان آءٌ بہ محبت رکان ٿي. جيڪي دل سان منهنجي ڳولا ٿا ڪن، سي ئي مون کي حاصل ڪن ٿا.


”وڃ، وڃي يروشلم ۾ منادي ڪري مون خداوند جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’مون کي اوهان جي اُها بي‌انتها محبت ياد آهي، جيڪا اوهين شروعات ۾ مون سان ڪندا هئا، هائو، ڪنوار جهڙي اوهان جي اُها محبت ياد اٿم، جيڪا اوهين مون سان ڪندا هئا. اهو بہ ياد اٿم تہ ڪيئن اوهين غير آباد رڻ‌پٽ ۾ منهنجي پٺيان هلندا هئا.


سو مون خداوند اتي کين ڏيکاري ڏني. اي اسرائيل وارؤ! مون دائمي شفقت سان اوهان سان پيار ڪيو آهي، جيڪو هميشہ قائم وَ دائم رهندو.


پر لاويءَ جي نسل وارن کي ٻين قبيلن سان گڏ شمار نہ ڪيو ويو،


لاوي قبيلي وارا جن جو شمار ڪيو ويو سي هي هئا: جيرشون جو نسل، قهات جو نسل ۽ مراريءَ جو نسل.


سڀ لاوي مرد جن جي عمر هڪ مهينو يا انهيءَ کان مٿي هئي، تن جو تعداد ٽيويهہ هزار هو. انهن جو شمار بني اسرائيل سان گڏ نہ ڪيو ويو، ڇاڪاڻ تہ انهن کي ورثو ڪونہ مليو.


سو جيئن موسيٰ کي خداوند کان حڪم مليو تيئن ئي ڪيائين.


انهن مان جن نرن جي عمر هڪڙو مهينو ۽ انهيءَ کان مٿي هئي، تن سڀني جو شمار ڪيو ويو، جن جو تعداد جملي ست هزار پنج سؤ هو.


انهن مان جن نرن جي عمر هڪڙو مهينو ۽ انهيءَ کان مٿي هئي، تن سڀني جو شمار ڪيو ويو، جن جو تعداد اٺ هزار ۽ ڇهہ سؤ هو. مقدس خيمي جي پاڪ شين جي سنڀال انهن جي ذمي هئي.


انهن مان جن نرن جي عمر هڪڙو مهينو ۽ انهيءَ کان مٿي هئي، تن سڀني جو شمار ڪيو ويو جن جو تعداد ڇهہ هزار ۽ ٻہ سؤ هو.


انهن جو ڪل تعداد ٻاويهہ هزار، ٻہ سؤ ۽ ٽيهتر هو.


جڏهن عيسيٰ اهو ڏٺو تہ ڪاوڙجي پيو ۽ پنهنجي شاگردن کي چيائين تہ ”ٻارن کي نہ جھليو. انهن کي مون وٽ اچڻ ڏيو، ڇاڪاڻ تہ خدا جي بادشاهي اهڙن جي ئي آهي.


۽ ننڍپڻ کان وٺي خدا جي انهن پاڪ لکتن کان بہ واقف آهين، جيڪي عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻڻ سان ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ لاءِ تو کي دانائي بخشي سگھن ٿيون.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan