پوءِ اوهين ڄاڻي وٺندا تہ مون اهو حڪم اوهان کي انهيءَ لاءِ ڏنو هو تہ اوهين منهنجي ڳالهين تي ڌيان ڏيو تہ جيئن منهنجو عهد اوهان لاويءَ جي گھراڻي وارن سان قائم رهي.
”جنهن ڏينهن مون مصر جي ملڪ ۾ سڀ پهريتا ٻار ماريا، تنهن ڏينهن بني اسرائيل ۾ ماڻهن جا توڙي جانورن جا سڀ پهريتا مون پنهنجي لاءِ مخصوص ڪيا. تنهنڪري سڀ پهريتا ٻار منهنجا آهن، جن مان مون بني اسرائيل جي هر عورت جي پهريتي نر ٻار جي عيوض لاوين کي قبول ڪيو آهي. تنهنڪري لاوي هاڻ منهنجا آهن. آءٌ خداوند آهيان.“