Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 29:7 - Muslim Sindhi Bible

7 ”انهيءَ ستين مهيني جي ڏهين تاريخ تي اوهين مون خدا جي عبادت لاءِ گڏ ٿجو. انهيءَ ڏينهن تي اوهين پنهنجي خواهشن کي روڪجو ۽ ڪنهن بہ قسم جو ڪم نہ ڪجو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

7 انهي ستين مهيني جي ڏهينءَ تاريخ اوهان جي پاڪ جماعت گڏ ٿيندي؛ ۽ اوهين پنهنجي روح جي رياضت ڪجو؛ ۽ ڪنهن بہ قسم جو ڪم نہ ڪجو:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 29:7
17 Iomraidhean Croise  

پوءِ اتي اهوا واهہ وٽ مون روزو رکڻ جو اعلان ڪيو، تہ جيئن اسين پنهنجي خدا جي آڏو عاجزي ڪريون ۽ کانئس دعا گھرون تہ اسان لاءِ ۽ اسان جي ٻارن ٻچن لاءِ سلامتيءَ واري راهہ ڏيکاري ۽ اسان جي مال ملڪيت جي سلامتي هجي.


اهي جڏهن بيمار ٿيندا هئا، تڏهن آءٌ هنن لاءِ کٿو ڍڪيندو هئس، ۽ فاقا ڪڍي پنهنجيءَ جان کي ڏک ڏيندو هئس. پوءِ جڏهن هنن لاءِ گھريل منهنجيون دعائون قبوليت بنا موٽي اينديون هيون،


انهيءَ وقت خداوند، قادرِمطلق خدا اوهان کي روئڻ رڙڻ، ۽ سوڳ طور مٿي جا وار ڪوڙائڻ ۽ کٿو ڍڪڻ جو حڪم ڏنو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ دائود جي گھراڻي ۽ يروشلم جي رهاڪن تي اهڙو روح نازل ڪندس جو اهي رحمدل ۽ دعا گھرندڙ ٿي پوندا. تڏهن هو مون تي يعني انهيءَ تي نگاهہ ڪندا، جنهن کي هنن گھاءُ ڏيئي ماريو هوندو. هو انهيءَ جي لاءِ ائين روڄ راڙو ڪندا، جيئن ڪو پنهنجي سڪيلڌي ٻار لاءِ ڪندو آهي. هو انهيءَ لاءِ ڏاڍو ڏک ڪندا، جيئن ڪو پنهنجي پهريتي ٻار لاءِ ڪندو آهي.


۽ ڪاهنن ۽ نبين کان پڇن تہ ”ڇا اسين پنجين مهيني ۾ روزو رکي اڃا بہ هيڪل جي تباهيءَ جو سوڳ ڪريون، جيئن هر سال ڪندا آيا آهيون؟“


سڀاڳا آهن اهي جيڪي ڏکويل آهن، ڇاڪاڻ تہ خدا انهن کي تسلي ڏيندو.


آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ ائين نہ آهي، پر جيڪڏهن اوهين پنهنجن گناهن کان توبهہ نہ ڪندا تہ پوءِ سڀيئي برباد ٿيندءُ، جيئن اهي ٿيا هئا.


آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ نہ. پر جيڪڏهن اوهين پنهنجن گناهن کان توبهہ نہ ڪندا تہ ائين برباد ٿيندءُ، جيئن اهي ٿيا هئا.“


اتي اسان کي گھڻو عرصو لڳي ويو، تان جو روزي جو ڏينهن بہ گذري ويو. هاڻي تہ جهاز جو سفر بہ ڏاڍو جوکائتو ٿي پيو هو. تنهنڪري پولس هنن کي صلاح ڏني تہ


سو اسين ڄاڻون ٿا تہ اسان جي پراڻي انساني فطرت مسيح سان گڏ صليب تي چاڙهي ويئي، تہ جيئن اسان جي بدن تان گناهہ جو قبضو ختم ٿي وڃي ۽ اڳتي اسين گناهہ جي غلاميءَ ۾ نہ رهون،


بلڪ آءٌ جسماني خواهشن کي ماري پنهنجي بدن کي پوري ضابطي ۾ ٿو رکان. ائين نہ ٿئي جو ٻين ۾ تبليغ ڪندي آءٌ پاڻ قبول نہ پوان.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan