Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 29:6 - Muslim Sindhi Bible

6 اهي قربانيون، ماهوار ۽ روزانہ ساڙڻ وارين قربانين ۽ انهن سان گڏ اناج ۽ اوتڻ وارين قربانين کان واڌاريون آهن. اهي وڻندڙ خوشبوءِ جي لاءِ مون خداوند جي حضور ۾ ساڙڻ واريون قربانيون آهن.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 انهي کان سواءِ نئين چنڊ جي سوختني قرباني، ۽ انهيءَ سان گڏ کاڌي جي قرباني، ۽ هميشہ واري سوختني قرباني، ۽ انهيءَ سان گڏ کاڌي جي قرباني، ۽ انهن سان گڏ پيئڻ واريون قربانيون، اهي سڀ سندن قانون موجب پيش ڪندا رهجو، اها وڻندڙ خوشبوءِ جي لاءِ خداوند جي حضور ۾ باهہ سان ساڙيل قرباني آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 29:6
14 Iomraidhean Croise  

هنن شرعي دستور موجب تنبن واري عيد ملهائي ۽ هر روز جون باهہ سان ساڙيون ويندڙ مقرر ڪيل قربانيون حڪم موجب پيش ڪيون.


”تون هارون ۽ سندس پٽن کي حڪم ڪري چئُہ تہ ساڙڻ واري قربانيءَ جو قاعدو هن ريت آهي، تہ ساڙڻ واري قرباني سڄي رات ويندي صبح تائين قربان‌گاهہ تي آتشدان جي مٿان رکي رهي ۽ قربان‌گاهہ تي باهہ ٻرندي رهي.


تہ پوءِ جيڪڏهن بي‌خبريءَ ۾ انهن کان بناارادي اها خطا ٿي هجي تڏهن سڄي قوم مون خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ پيدا ڪرڻ واسطي، هڪڙو وهڙو ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ، قانون مطابق اناج جي قربانيءَ ۽ اوتڻ واري قربانيءَ سميت آڻي پيش ڪري. انهيءَ کان سواءِ کين هڪ ٻڪر پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور پيش ڪرڻو آهي.


تڏهن جيڪو مون خداوند جي لاءِ پنهنجي قرباني پيش ڪري سو هڪ ڪلوگرام ميدو هڪ ليٽر تيل ۾ گڏي اناج جي قربانيءَ طور آڻي.


اوهين مون خداوند جي حضور ۾ وڻندڙ خوشبوءِ جي لاءِ هڪڙي ساڙڻ واري قرباني پيش ڪجو جنهن ۾ ٻہ وهڙا، هڪڙو گھٽو ۽ ست هڪسالا گھيٽا هجن. اهي سڀ بي‌عيب هجن.


انهن سان گڏ اناج جي قرباني ۽ اوتڻ واري قرباني، سندن شمار ۽ قانون موجب پيش ڪجو.


انهن سان گڏ اناج جي قرباني ۽ اوتڻ واري قرباني، سندن شمار ۽ قانون موجب پيش ڪجو.


اوهين پنهنجي ڪفاري لاءِ هڪڙو ٻڪر پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور پڻ پيش ڪجو.


جيڪڏهن ڪو ڌاريو اوهان ۾ رهندو هجي ۽ هو عيد فصح ملهائڻ گھري تہ هو انهيءَ جا سمورا قاعدا قانون بجا آڻي. سڀني جي لاءِ هڪڙو ئي قاعدو آهي، جهڙو بني اسرائيل لاءِ تهڙو ڌارئي لاءِ.‘“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan