Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 28:9 - Muslim Sindhi Bible

9 ”سبت جي ڏينهن ٻہ هڪسالا بي‌عيب گھيٽا، ٻہ ڪلوگرام ميدو تيل ۾ گڏيل اناج جي قربانيءَ طور ۽ انهن پٺيان اوتڻ واري قرباني پڻ پيش ڪجو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 ۽ سبت جي ڏينهن ٻہ يڪسالا بي عيب گهيٽا، ۽ هڪڙي ايفہ جي پنجين حصي جيترو ميدو تيل ۾ گڏيل، کاڌي جي قربانيءَ لاءِ، ۽ انهي سان گڏ پيئڻ واري قرباني پيش ڪج:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 28:9
12 Iomraidhean Croise  

هن کانئس پڇيو تہ ”اڄ ڇو ٿي انهيءَ وٽ وڃين؟ اڄ نڪو نئون چنڊ آهي نہ وري سبت آهي.“ انهيءَ عورت وراڻيس تہ ”بس، انهيءَ ۾ ڪا چڱائي آهي.“


سليمان صور جي بادشاهہ حيرام ڏانهن چوائي موڪليو تہ ”جيئن تو منهنجي پيءُ دائود سان سندس رهڻ جي لاءِ محل تعمير ڪرڻ واسطي ديال جي ڪاٺ ڏيڻ جو سودو ڪيو هو تيئن مون سان بہ سودو ڪر.


آءٌ خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ هڪڙو گھر جوڙائڻ چاهيان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ ان گھر کي خدا جي لاءِ مخصوص ڪيو وڃي ۽ انهيءَ جي اڳيان خوشبودار لوبان ساڙيو وڃي. اتي سندس حضور ۾ باقائدہ مخصوص روٽ پيش ڪيا وڃن ۽ صبح شام، سبت جي ڏينهنِ تي، نئين چنڊ جي ڏينهنِ تي ۽ خداوند اسان جي خدا جي مقرر ڪيل عيدن تي ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪيون وڃن. اهو بني اسرائيل لاءِ هميشہ جو قانون آهي.


هو اهي ساڙڻ واريون قربانيون موسيٰ جي شريعت موجب مخصوص ڏينهن تي مقرر طريقي مطابق پيش ڪندو هو، جهڙوڪ: سبت جي ڏينهن تي، نئين چنڊ تي، سال ۾ ٽي ڀيرا مقرر عيدن تي يعني بي‌خميري مانيءَ جي عيد تي، لاباري جي عيد تي ۽ تنبن واري عيد تي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”جيڪڏهن اوهين سبت، يعني منهنجي پاڪ ڏينهن تي پنهنجي مرضيءَ موجب ڪم ڪرڻ کان پنهنجا پير روڪيندا، سبت جي ڏينهن کي پنهنجي خوشين جو ڏينهن سمجھندا، ۽ انهيءَ کي مون خداوند جو پاڪ ۽ تعظيم وارو ڏينهن ڪري سڏيندا، ۽ انهيءَ جو اهڙيءَ طرح احترام ڪندا، جو نہ انهيءَ ڏينهن پنهنجو ڪو ڪاروبار يا سفر ڪندا، نڪي وري پنهنجي خوشيءَ يا پنهنجي مطلب جون ڳالهيون ڪندا،


انهيءَ کان علاوہ مون هنن لاءِ پنهنجي سبت جا ڏينهن بہ مقرر ڪيا، انهيءَ لاءِ تہ اهي منهنجي ۽ سندن وچ ۾ هڪڙي نشاني رهن، تان‌تہ هو ڄاڻي وٺن تہ اهو آءٌ ئي خداوند آهيان جنهن کين پاڻ لاءِ مخصوص ڪيو آهي.


جيڪي قربانيون حڪمران سبت جي ڏينهن تي خداوند جي حضور ۾ پيش ڪندو سي هي آهن. کيس ساڙي ويندڙ قربانيءَ لاءِ ڇهہ بي‌عيب گھيٽا ۽ هڪڙو بي‌عيب گھٽو پيش ڪرڻو پوندو.


روزمرہ جي ساڙڻ واري قربانيءَ ۽ اوتڻ واري قربانيءَ کان سواءِ هيءَ ساڙڻ واري قرباني هر ڪنهن سبت تي پيش ڪرڻي آهي.“


خداوند واري ڏينهن، يعني آچر جي ڏينهن آءٌ پاڪ روح جي ضابطي ۾ اچي ويس ۽ پنهنجي پٺيان توتاري جي آواز جهڙو هڪڙو وڏو آواز ٻڌم،


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan