Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 28:25 - Muslim Sindhi Bible

25 ستين ڏينهن اوهين مون خدا جي عبادت لاءِ گڏ ٿجو ۽ ڪوبہ محنت مزدوريءَ جو ڪم نہ ڪجو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

25 ۽ ستين ڏينهن اوهين پاڪ جماعت گڏ ڪجو؛ ۽ ڪوبہ محنت مزوريءَ جو ڪم نہ ڪجو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 28:25
14 Iomraidhean Croise  

پهرئين ڏينهن تي ۽ وري ستين ڏينهن تي عبادت لاءِ اوهان جي گڏجاڻي ٿيندي. انهن ٻنهي ڏينهن تي کاڌي تيار ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪنهن بہ قسم جو ڪم نہ ڪيو وڃي.


ستن ڏينهن تائين اوهين جيڪا ماني کائو، تنهن ۾ خمير بلڪل نہ هجي ۽ ستين ڏينهن خداوند لاءِ عيد ملهائجو.


اوهين انهيءَ ساڳئي ڏينهن عيد ملهائجو. ان ڏينهن اوهين عبادت لاءِ گڏ ٿجو ۽ ڪوبہ محنت مزدوريءَ جو ڪم نہ ڪجو. اهو اوهان جي سڀني پيڙهين لاءِ هميشہ جو قانون هوندو، پوءِ اوهين کڻي ڪٿي بہ رهندا هجو.


اوهين ان ڏينهن ڪوبہ محنت مزدوريءَ جو ڪم نہ ڪجو، بلڪ مون خداوند جي لاءِ ساڙي ويندڙ قرباني پيش ڪجو.“


”ڇهہ ڏينهن اوهين پنهنجو ڪم ڪار ڪريو، پر ستون ڏينهن سبت آهي، تنهن تي اوهين آرام ڪريو. انهيءَ ڏينهن اوهين ڪنهن بہ قسم جو ڪم نہ ڪجو، بلڪ عبادت لاءِ گڏ ٿجو. سبت جو ڏينهن مون خداوند لاءِ مخصوص آهي، پوءِ اوهين کڻي ڪٿي بہ رهندا هجو.“


پهرئين ڏينهن اوهين عبادت لاءِ گڏ ٿجو. انهيءَ ڏينهن اوهين ڪوبہ محنت مزدوريءَ جو ڪم نہ ڪجو.


ست ئي ڏينهن اوهين مون خداوند جي لاءِ ساڙي ويندڙ قرباني پيش ڪندا رهجو ۽ ستين ڏينهن وري عبادت لاءِ گڏ ٿجو. انهيءَ ڏينهن بہ اوهين محنت مزدوريءَ جو ڪوبہ ڪم نہ ڪجو.“


تقريب جي پهرئين ڏينهن تي مون خدا جي عبادت لاءِ گڏ ٿجو ۽ ڪوبہ محنت مزدوريءَ جو ڪم نہ ڪجو.


”لاباري جي عيد جي دوران پهرين پيداوار جي ڏينهن تي جڏهن اوهين مون خداوند جي حضور ۾ نئين فصل جي قرباني پيش ڪريو، تڏهن اوهين مون خدا جي عبادت لاءِ گڏ ٿجو ۽ ڪوبہ محنت مزدوريءَ جو ڪم نہ ڪجو.


”ستين مهيني جي پهرين تاريخ اوهين مون خدا جي عبادت لاءِ گڏ ٿجو ۽ ڪوبہ محنت مزدوريءَ جو ڪم نہ ڪجو. اهو اوهان جي لاءِ نفيلن وڄائڻ جو ڏينهن آهي.


”ستين مهيني جي پندرهين تاريخ اوهين مون خدا جي عبادت لاءِ گڏ ٿجو. ست ڏينهن مون خداوند جي لاءِ عيد ملهائجو ۽ انهن ڏينهن ۾ اوهين ڪوبہ محنت مزدوريءَ جو ڪم نہ ڪجو.


اٺين ڏينهن تي اوهين مون خدا جي عبادت لاءِ گڏ ٿجو ۽ انهيءَ ڏينهن تي اوهين ڪوبہ محنت مزدوريءَ جو ڪم نہ ڪجو.


ڇهن ڏينهن تائين اوهين جيڪا ماني کائو، تنهن ۾ خمير بلڪل نہ هجي. ستين ڏينهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جي عبادت لاءِ گڏ ٿجو، انهيءَ ڏينهن اوهين ڪوبہ ڪم نہ ڪجو.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan