Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 28:19 - Muslim Sindhi Bible

19 اوهين مون خداوند جي حضور ۾ ساڙڻ واري قرباني پيش ڪجو، جنهن ۾ ٻہ وهڙا، هڪڙو گھٽو ۽ ست هڪسالا گھيٽا هجن. اهي سڀ بي‌عيب هجن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

19 پر اوهين خداوند جي حضور ۾ باهہ سان ساڙيل قرباني، يعني سوختني قرباني چاڙهجو؛ ٻہ وهڙا، هڪڙو گهٽو ۽ ست يڪسالا گهيٽا: اهي سڀ بي عيب هئڻ گهرجن:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 28:19
11 Iomraidhean Croise  

هنن قربانين مان اهي حصا الڳ ڪيا جيڪي ساڙڻ وارا هئا تہ جيئن اهي سڀني ڪٽنبن ۾ ورهائي ڏين تہ اهي خداوند جي لاءِ پيش ڪن، جيئن موسيٰ جي ڪتاب ۾ لکيل آهي. هنن ڏاندن جا حصا بہ اهڙي ئي نموني ورهايا.


جيڪڏهن سندس قرباني ڍورن ڍڳن جي ساڙڻ واري قرباني هجي تہ اهو ڍور نر ۽ بي‌عيب هجي. هو انهيءَ کي مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ آڻي پيش ڪري تہ جيئن اهو منهنجي حضور ۾ قبول پوي.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪو عيب وارو جانور پيش ڪري تہ مون خداوند وٽ اهو هن جي طرفان قبول نہ پوندو.


اناج جي قربانيءَ طور تيل ۾ گڏيل ميدو پڻ پيش ڪجو. انهيءَ لاءِ هر هڪ وهڙي سان گڏ ٽي ٽي ڪلوگرام، گھٽي سان گڏ ٻہ ڪلوگرام


دستوري ساڙڻ واري قرباني ۽ ان سان گڏ اناج جي قربانيءَ کان سواءِ اوهين اهي سڀ قربانيون پنهنجي اوتڻ وارين قربانين سان گڏ پيش ڪجو.“


اوهين مون خداوند جي حضور ۾ وڻندڙ خوشبوءِ جي لاءِ هڪڙي ساڙڻ واري قرباني پيش ڪجو جنهن ۾ هڪڙو وهڙو، هڪڙو گھٽو ۽ ست هڪسالا گھيٽا هجن. اهي سڀ بي‌عيب هجن.


پر جيڪڏهن انهن مان ڪنهن ۾ ڪو عيب هجي، جيئن تہ منڊو يا انڌو هجي يا ڪو ٻيو عيب هجيس، تہ اهو اوهين خداوند پنهنجي خدا جي آڏو قربانيءَ طور پيش نہ ڪجو.


تنهنڪري جيڪا جاءِ خداوند پنهنجي نالي قائم ڪرڻ لاءِ چونڊي، اُتي اوهين پنهنجن ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين مان، خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ عيد فصح جي قرباني ڪجو.


پر هڪ بي‌عيب ۽ بي‌داغ گھيٽڙي، يعني مسيح جي قيمتي رت سان اوهان کي ڇڏايو ويو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan