18 تقريب جي پهرئين ڏينهن تي مون خدا جي عبادت لاءِ گڏ ٿجو ۽ ڪوبہ محنت مزدوريءَ جو ڪم نہ ڪجو.
18 پهرئين ڏينهن پاڪ جماعت گڏ ٿيندي؛ ۽ اوهين ڪو محنت مزوريءَ جو ڪم نہ ڪجو:
پهرئين ڏينهن تي ۽ وري ستين ڏينهن تي عبادت لاءِ اوهان جي گڏجاڻي ٿيندي. انهن ٻنهي ڏينهن تي کاڌي تيار ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪنهن بہ قسم جو ڪم نہ ڪيو وڃي.
ستين ڏينهن اوهين مون خدا جي عبادت لاءِ گڏ ٿجو ۽ ڪوبہ محنت مزدوريءَ جو ڪم نہ ڪجو.“
”لاباري جي عيد جي دوران پهرين پيداوار جي ڏينهن تي جڏهن اوهين مون خداوند جي حضور ۾ نئين فصل جي قرباني پيش ڪريو، تڏهن اوهين مون خدا جي عبادت لاءِ گڏ ٿجو ۽ ڪوبہ محنت مزدوريءَ جو ڪم نہ ڪجو.