Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 28:14 - Muslim Sindhi Bible

14 اوتڻ واري قربانيءَ طور مئي پيش ڪجو. انهيءَ لاءِ هر هڪ وهڙي سان ٻہ ٻہ ليٽر، گھٽي سان ڏيڍ ليٽر ۽ هر هڪ گھيٽي سان هڪ هڪ ليٽر مئي هجي. اها ئي ماهوار ساڙڻ واري قرباني آهي، جيڪا هر مهيني جي پهرين تاريخ تي پيش ڪئي وڃي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

14 ۽ انهن سان گڏ پيئڻ واري قربانيءَ جي واسطي هڪ وهڙي جي پٺيان مئي جو اڌ هين، ۽ هڪڙي گهٽي جي پٺيان هين جو ٽيون حصو، ۽ هرهڪ گهيٽي جي پٺيان هين جو چوٿون حصو هئڻ گهرجي: اها سال جي سڀني مهينن لاءِ، هر مهيني جي سوختني قرباني آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 28:14
11 Iomraidhean Croise  

انهن کان علاوہ هنن روزانو جون ساڙڻ واريون قربانيون ۽ نئين چنڊ جون ساڙيون ويندڙ قربانيون پيش ڪيون ۽ اهي قربانيون بہ پيش ڪيون جيڪي خداوند جي سڀني مقرر ٿيل پاڪ ڏينهن تي ڪبيون هيون ۽ اهي پڻ پيش ڪيائون جيڪي پنهنجي رضا خوشيءَ سان آنديون هئائون.


اڳتي اوهين اجايا نذرانا مون وٽ نہ آڻيو. اوهان جي لوبان ساڙڻ توڙي نئين چنڊ، سبت، ۽ عيد جي گڏجاڻين کان بہ مون کي نفرت آهي، ڇاڪاڻ تہ مذهبي گڏجاڻين سان گڏ بدڪاريءَ کي آءٌ ڪڏهن بہ برداشت نہ ٿو ڪري سگھان.


موآب ۾ غير معبودن جي پوڄا گھرن ۾ قربانيون ساڙڻ ۽ سندن معبودن لاءِ نذرانا پيش ڪرڻ کي آءٌ بند ڪرائي ڇڏيندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.


جيڪي قربانيون حڪمران سبت جي ڏينهن تي خداوند جي حضور ۾ پيش ڪندو سي هي آهن. کيس ساڙي ويندڙ قربانيءَ لاءِ ڇهہ بي‌عيب گھيٽا ۽ هڪڙو بي‌عيب گھٽو پيش ڪرڻو پوندو.


اي قربان‌گاهہ جا خدمتگار ڪاهنؤ! کٿا چيلهہ سان ٻڌي واءِ‌ويلا ڪريو. هائو، اي خدا جا خادمؤ! سڄي رات کٿو ويڙهي ويٺا رهو، ڇاڪاڻ تہ اناج توڙي مئي آهي ئي ڪانہ، جو اوهين خدا جي گھر ۾ اهي قربانين طور پيش ڪريو.


هو اوتڻ واري قربانيءَ طور هڪ ليٽر مئي تيار ڪري ۽ اها هر هڪ گھيٽي پٺيان ساڙڻ واري قربانيءَ يا ٻي قربانيءَ سان گڏ کڻي اچي.


تڏهن اهو ماڻهو وهڙي سان گڏ ٽي ڪلوگرام ميدو ٻہ ليٽر تيل سان گڏي اناج جي قربانيءَ طور آڻي پيش ڪري


۽ هر هڪ گھيٽي سان گڏ هڪ هڪ ڪلوگرام ميدو هجي. اها ساڙڻ واري قرباني مون خداوند واسطي وڻندڙ خوشبوءِ جي لاءِ ساڙي ويندڙ قرباني آهي.


دستوري ساڙڻ واري قرباني ۽ انهيءَ سان گڏ اوتڻ واري قربانيءَ کان سواءِ، هڪڙو ٻڪر پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور مون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪيو وڃي.“


انهن سان گڏ اناج جي قرباني ۽ اوتڻ واري قرباني، سندن شمار ۽ قانون موجب پيش ڪجو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan