Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

ڳاڻاٽو 28:10 - Muslim Sindhi Bible

10 روزمرہ جي ساڙڻ واري قربانيءَ ۽ اوتڻ واري قربانيءَ کان سواءِ هيءَ ساڙڻ واري قرباني هر ڪنهن سبت تي پيش ڪرڻي آهي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

10 روزمرہ جي سوختني قرباني، ۽ پيئڻ واريءَ قربانيءَ کان سواءِ، هيءَ هر ڪنهن سبت جي سوختني قرباني آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

ڳاڻاٽو 28:10
16 Iomraidhean Croise  

آءٌ خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ هڪڙو گھر جوڙائڻ چاهيان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ ان گھر کي خدا جي لاءِ مخصوص ڪيو وڃي ۽ انهيءَ جي اڳيان خوشبودار لوبان ساڙيو وڃي. اتي سندس حضور ۾ باقائدہ مخصوص روٽ پيش ڪيا وڃن ۽ صبح شام، سبت جي ڏينهنِ تي، نئين چنڊ جي ڏينهنِ تي ۽ خداوند اسان جي خدا جي مقرر ڪيل عيدن تي ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪيون وڃن. اهو بني اسرائيل لاءِ هميشہ جو قانون آهي.

هو اهي ساڙڻ واريون قربانيون موسيٰ جي شريعت موجب مخصوص ڏينهن تي مقرر طريقي مطابق پيش ڪندو هو، جهڙوڪ: سبت جي ڏينهن تي، نئين چنڊ تي، سال ۾ ٽي ڀيرا مقرر عيدن تي يعني بي‌خميري مانيءَ جي عيد تي، لاباري جي عيد تي ۽ تنبن واري عيد تي.

اڳتي اوهين اجايا نذرانا مون وٽ نہ آڻيو. اوهان جي لوبان ساڙڻ توڙي نئين چنڊ، سبت، ۽ عيد جي گڏجاڻين کان بہ مون کي نفرت آهي، ڇاڪاڻ تہ مذهبي گڏجاڻين سان گڏ بدڪاريءَ کي آءٌ ڪڏهن بہ برداشت نہ ٿو ڪري سگھان.

صبح واري دستوري ساڙڻ واري قربانيءَ کان سواءِ اوهين اهي قربانيون پيش ڪجو.

جيڪي ساڙيون ويندڙ قربانيون اوهين مون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪندا سي هن ريت هجن. اوهين هر روز ٻہ هڪسالا بي‌عيب گھيٽا ساڙڻ واري قربانيءَ طور،

”سبت جي ڏينهن ٻہ هڪسالا بي‌عيب گھيٽا، ٻہ ڪلوگرام ميدو تيل ۾ گڏيل اناج جي قربانيءَ طور ۽ انهن پٺيان اوتڻ واري قرباني پڻ پيش ڪجو.

ڪفاري واري پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ ۽ دستوري ساڙڻ واري قرباني، انهن سان گڏ اناج جي قربانين ۽ اوتڻ وارين قربانين کان علاوہ هڪڙو ٻڪر پنهنجي پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور پڻ پيش ڪجو.“

هڪڙو ٻڪر پڻ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور پيش ڪجو. هي قربانيون دستوري ساڙڻ واري قربانيءَ ۽ انهيءَ سان گڏ اناج جي قرباني ۽ اوتڻ واري قربانيءَ کان علاوہ واڌاريون قربانيون آهن.

هڪڙو ٻڪر پڻ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور پيش ڪجو. هي قربانيون دستوري ساڙڻ واري قربانيءَ ۽ سندس اناج جي قربانيءَ ۽ انهن سان گڏ انهن ٻنهي جي اوتڻ وارين قربانين کان علاوہ واڌاريون قربانيون آهن.

هڪڙو ٻڪر پڻ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور پيش ڪجو. هي قربانيون دستوري ساڙڻ واري قربانيءَ ۽ انهيءَ سان گڏ اناج جي قربانيءَ ۽ اوتڻ واري قربانيءَ کان علاوہ واڌاريون قربانيون آهن.

اهي قربانيون، ماهوار ۽ روزانہ ساڙڻ وارين قربانين ۽ انهن سان گڏ اناج ۽ اوتڻ وارين قربانين کان واڌاريون آهن. اهي وڻندڙ خوشبوءِ جي لاءِ مون خداوند جي حضور ۾ ساڙڻ واريون قربانيون آهن.“

Lean sinn:

Sanasan

Sanasan