Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 28:1 - Muslim Sindhi Bible

1 خداوند موسيٰ کي بني اسرائيل بابت هي حڪم فرمايو تہ

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو، ۽ چيائينس تہ

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 28:1
17 Iomraidhean Croise  

۽ سبت، نئين چنڊ جي عيد ۽ ٻين مقرر ڪيل عيدن تي قربانيون پيش ڪرڻ وقت پڻ خداوند جو شڪر ۽ تعريف ڪرڻ. انهن لاءِ قاعدا مقرر ڪيا ويا تہ خداوند جي حضور ۾ انهن ذميوارين پوري ڪرڻ لاءِ هر مقرر ڪيل وقت تي ڪيتري تعداد ۾ هجن. لاوين کي هميشہ لاءِ خداوند جي عبادت جي اها ذميواري سونپي ويئي.


آءٌ خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ هڪڙو گھر جوڙائڻ چاهيان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ ان گھر کي خدا جي لاءِ مخصوص ڪيو وڃي ۽ انهيءَ جي اڳيان خوشبودار لوبان ساڙيو وڃي. اتي سندس حضور ۾ باقائدہ مخصوص روٽ پيش ڪيا وڃن ۽ صبح شام، سبت جي ڏينهنِ تي، نئين چنڊ جي ڏينهنِ تي ۽ خداوند اسان جي خدا جي مقرر ڪيل عيدن تي ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪيون وڃن. اهو بني اسرائيل لاءِ هميشہ جو قانون آهي.


پوءِ يهويدع هيڪل جي ڪم تي انهن ڪاهنن ۽ لاوين کي ئي مقرر ڪيو، جن جي ڪٽنبن کي دائود خداوند جي گھر ۾ ڪم ورهائي ڏنا هئا، تان‌تہ اهي موسيٰ جي شريعت مطابق خداوند لاءِ ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪن، ۽ دائود جي حڪم مطابق خوشيون ڪندي عبادت ۾ رهنمائي ڪن ۽ ڳائن وڄائن.


بادشاهہ پنهنجي چوپائي مال مان ساڙڻ وارين قربانين لاءِ جانور ڏيندو هو. اهي جانور خداوند جي شريعت مطابق صبح ۽ شام وارين قربانين لاءِ، سبت تي قربانين لاءِ، نئين چنڊ جي قربانين لاءِ، ۽ مقرر عيدن تي قربانين لاءِ پيش ڪرڻا هئا.


هو اهي ساڙڻ واريون قربانيون موسيٰ جي شريعت موجب مخصوص ڏينهن تي مقرر طريقي مطابق پيش ڪندو هو، جهڙوڪ: سبت جي ڏينهن تي، نئين چنڊ تي، سال ۾ ٽي ڀيرا مقرر عيدن تي يعني بي‌خميري مانيءَ جي عيد تي، لاباري جي عيد تي ۽ تنبن واري عيد تي.


يروشلم ۾ عرش عظيم جي خدا لاءِ قربانين واسطي ڪاهنن جي جيڪا بہ روزاني جي گھرج هجي، سا اوهين هر صورت ۾ انهن کي ڏيندا رهو، يعني گابا، گھٽا يا گھيٽا، يا وري ڪڻڪ، لوڻ، مئي ۽ زيتون جو تيل.


نذراني وارن روٽن لاءِ، روزانو اناج جي قربانيءَ لاءِ، روزانو ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ، سبت وارن ڏينهن تي قربانين لاءِ، نئين چنڊ وارين عيدن تي قربانين لاءِ، مقرر عيدن تي قربانين لاءِ، بني اسرائيل جي ڪفاري واري قربانيءَ لاءِ، پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ، ۽ ٻي ڪنهن بہ مخصوص قربانيءَ لاءِ، ۽ پنهنجي خدا جي هيڪل جي هر قسم جي ڪم لاءِ.


اڳتي اوهين اجايا نذرانا مون وٽ نہ آڻيو. اوهان جي لوبان ساڙڻ توڙي نئين چنڊ، سبت، ۽ عيد جي گڏجاڻين کان بہ مون کي نفرت آهي، ڇاڪاڻ تہ مذهبي گڏجاڻين سان گڏ بدڪاريءَ کي آءٌ ڪڏهن بہ برداشت نہ ٿو ڪري سگھان.


جڏهن ڪو جھڳڙو کڙو ٿئي تڏهن ڪاهن منصف ٿين ۽ منهنجي شريعت مطابق انصاف ڪن. هو منهنجي سڀني مقرر ڪيل عيدن تي منهنجي شريعت ۽ قاعدن قانون تي عمل ڪرائين ۽ منهنجي سبت جي ڏينهن جي بي‌حرمتي ٿيڻ نہ ڏين.


پوءِ انهيءَ حڪمران جو اهو فرض ٿيندو تہ هر عيد، نئين چنڊ ۽ هر سبت جي موقعي تي بلڪ بني اسرائيل قوم جي سڀني مقرر ڏينهن تي ساڙڻ واريون قربانيون، اناج جون قربانيون ۽ اوتڻ واريون قربانيون مهيا ڪري. تنهن کان علاوہ بني اسرائيل قوم جي گناهن جي ڪفاري لاءِ هن کي گناهن کان پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيون، اناج جون قربانيون، ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ جون قربانيون مهيا ڪرڻيون پونديون.“


سڀني مقرر عيدن ۽ وڏن ڏينهن تي اناج جي قربانيءَ طور وهڙي توڙي گھٽي سان گڏ اٺ ڪلوگرام اناج پيش ڪيو وڃي، جڏهن تہ گھيٽن سان گڏ مرضيءَ مطابق اناج ڏنو وڃي. هر اناج جي قربانيءَ سان گڏ ٽي ليٽر زيتون جو تيل پيش ڪيو وڃي.


پوءِ هارون قوم جون قربانيون پيش ڪيون. انهيءَ لاءِ هن اهو ٻڪر جيڪو قوم جي پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني لاءِ آندو ويو هو سو آڻي ذبح ڪيو. هن اهو پنهنجي پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ وانگر پيش ڪيو.


هن انهيءَ جي مٿي تي پنهنجا هٿ رکيا ۽ کيس پنهنجو جاءِ‌نشين مقرر ڪيائين، جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.


”منهنجو نذرانو يعني منهنجي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قربانيءَ واري خوراڪ، جيڪا ساڙبي آهي سا اوهين ياد ڪري مقرر وقت تي قوم جي طرفان منهنجي لاءِ ادا ڪندا رهجو.


جيئن تہ اوهين يهودين جي خاص ڏينهن، مهينن، وقتن ۽ سالن کي مڃيندا ٿا رهو،


تنهنڪري ڪنهن کي بہ اها اختياري هلائڻ نہ ڏيو جو کاڌي پيتي، عيد، نئين چنڊ يا سبت جي ڏينهن جي رسمن تي عمل نہ ڪرڻ ڪري اوهان کي ڪو ڏوهاري قرار ڏئي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan