اُتي آءٌ تو سان ملندس. رحمت جي پوش مٿان ۽ عهد واري صندوق تي جيڪي ٻہ مجسما هوندا تن جي وچ مان آءٌ انهن سڀني حڪمن جي باري ۾ جيڪي بني اسرائيل کي ڏيڻا هوندم، تو سان ڳالهائيندس.“
انهن موسيٰ کي اچي چيو تہ ”توهان اسان جي آقا کي خداوند حڪم ڏنو هو تہ پُکا وجھي ملڪ بني اسرائيل کي ورثي طور ورهائي ڏنو وڃي ۽ خداوند توهان کي هي بہ حڪم ڏنو هو تہ اسان جي عزيز صلافحاد جو ورثو سندس ڌيئرن کي ڏنو وڃي.
اهي اليعزر ڪاهن، يشوع ولد نون ۽ اڳواڻن جي اڳيان اچي چوڻ لڳيون تہ ”خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو تہ اسان کي بہ اسان جي مائٽن سان گڏ ورثو ڏنو وڃي.“ تنهنڪري خداوند جي حڪم موجب يشوع سندن پيءُ جي ڀائرن سان گڏ هنن کي ورثو ڏنو.