Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 27:13 - Muslim Sindhi Bible

13 انهيءَ ملڪ جي ڏسڻ کان پوءِ تون بہ پنهنجي ڀاءُ هارون وانگر پنهنجن وڏن سان وڃي گڏبين،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

13 ۽ انهي ملڪ جي ڏسڻ کان پوءِ، تون پنهنجي ڀاءُ هارون وانگر، پنهنجي وڏن سان وڃي گڏبين:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 27:13
11 Iomraidhean Croise  

اسماعيل هڪ سؤ ستٽيهن سالن جي عمر ۾ وفات ڪري وڃي پنهنجن سان گڏيو.


تنهن کان پوءِ وفات ڪيائين. هو ٻڍو ۽ پير مرد ٿي وڏي ڄمار ماڻي وڃي پنهنجن سان مليو.


”مديانين کان بني اسرائيل جو وير وٺ. وير وٺڻ کان پوءِ تون وفات ڪري پنهنجن وڏن سان وڃي گڏبين.“


اتي هارون ڪاهن خداوند جي حڪم موجب هور جبل تي چڙهي ويو ۽ بني اسرائيل جي مصر جي ملڪ مان نڪرڻ کان پوءِ چاليهين سال جي پنجين مهيني جي پهرين تاريخ تي هن اتي وفات ڪئي.


اوهان جي ئي ڪري خداوند مون تي بہ ڪاوڙيو ۽ چيائين تہ ’موسيٰ! تون بہ انهيءَ زمين ۾ داخل ڪين ٿيندين.


جڏهن بني اسرائيل بني يعقان جي کوهن کان روانا ٿي موسيرہ ۾ آيا هئا، تڏهن اُتي هارون وفات ڪئي ۽ کيس اتي ئي دفن ڪيو ويو. سندس پٽ اليعزر سندس جاءِ تي ڪاهن طور مقرر ٿي خدمت ڪرڻ لڳو.


پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ ”هاڻي تنهنجي مرڻ جا ڏينهن ويجھا آيا آهن، سو يشوع کي سڏ ۽ پوءِ اوهين ٻيئي مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ اچي حاضر ٿيو، تہ آءٌ هن کي هدايتون ڏيان.“ تنهن تي موسيٰ ۽ يشوع وڃي خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ حاضر ٿيا.


خداوند موسيٰ کي چيو تہ ”تون پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي آرامي ٿيندين، پر هي ماڻهو جنهن ملڪ ۾ رهڻ لاءِ وڃن ٿا، اتي جي ڌارين معبودن جي پٺيان لڳي گمراهہ ٿيندا. هو مون کي ڇڏي ڏيندا ۽ جيڪو عهد مون ساڻن ٻڌو آهي سو ڀڃي ڇڏيندا.


جنهن جبل تي تون چڙهڻ وارو آهين تنهن تي تون وفات ڪندين ۽ پنهنجن وڏن سان وڃي گڏبين، جهڙيءَ طرح تنهنجو ڀاءُ هارون هور جبل تي مري ويو ۽ پنهنجن وڏن سان وڃي گڏيو.


سو آءٌ هن ئي ملڪ ۾ مري ويندس ۽ اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر نہ ويندس. مگر اوهين پرينءَ ڀر ويندا ۽ انهيءَ چڱي ملڪ جا وارث ٿيندا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan