Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 27:12 - Muslim Sindhi Bible

12 پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”تون عباريم جي هن جبل تي چڙهہ ۽ جيڪو ملڪ آءٌ بني اسرائيل کي ڏيڻ وارو آهيان سو ڏس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 ۽ خداوند موسيٰ کي چيو، تہ تون هن عباريم جبل تي چڙهہ، ۽ جيڪو ملڪ مون بني اسرائيل کي ڏنو آهي، سو ڏس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 27:12
7 Iomraidhean Croise  

آءٌ تو کي ۽ تنهنجي اولاد کي هيءَ زمين هميشہ لاءِ ڏيندس، جنهن ۾ هاڻي تون پرديسي آهين. ڪنعان جو سڄو ملڪ هميشہ لاءِ تنهنجي اولاد جو رهندو ۽ آءٌ ئي انهن جو خدا هوندس.“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم وارؤ! اوهان جا سڀ اتحادي ناس ٿي ويا آهن، سو وڃو، اوهين لبنان جي جبلن ڏانهن وڃي روئو رڙو، بسن جي جابلو علائقي ڏانهن وڃي رڙيون ڪريو، موآب واري عباريم جبل تان وڃي دانهون ڪريو.


پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ ”هاڻي تنهنجي مرڻ جا ڏينهن ويجھا آيا آهن، سو يشوع کي سڏ ۽ پوءِ اوهين ٻيئي مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ اچي حاضر ٿيو، تہ آءٌ هن کي هدايتون ڏيان.“ تنهن تي موسيٰ ۽ يشوع وڃي خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ حاضر ٿيا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan