Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 27:11 - Muslim Sindhi Bible

11 پر جيڪڏهن کيس ڪو چاچو بہ نہ هجي تہ پوءِ جيڪو سندس سڀني کان ويجھو مائٽ هجي، تنهن کي انهيءَ جو ورثو ڏنو وڃي. اهو ئي سندس وارث ٿيندو. اهو بني اسرائيل جي لاءِ شرعي فرض ٿيندو، جيئن مون خداوند تو کي فرمايو آهي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

11 پر جيڪڏهن هن جي پيءُ کي بہ ڪو ڀاءُ نہ هجي، تہ پوءِ هن جي خاندان ۾ جيڪو سندس سڀني کان ويجهو مائٽ هجي، تنهن کي انهي جو ورثو ڏجو: اهو بني اسرائيل جي لاءِ انصاف جو قانون ٿيندو، جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 27:11
7 Iomraidhean Croise  

سو خداوند جي فرمان موجب منهنجو سؤٽ حنم‌ايل انهيءَ اڱڻ واري ڪمري ۾ مون وٽ آيو ۽ مون کي چيائين تہ ”منهنجي جيڪا ٻني بنيامين جي علائقي ۾ عنتوت شهر ۾ آهي، سا تون پنهنجي لاءِ خريد ڪر، ڇاڪاڻ تہ اها اباڻي ٻني خريد ڪرڻ جو حق تنهنجو ئي آهي.“ مون ڄاتو ٿي تہ اهو خداوند جو حڪم آهي،


جيڪڏهن اوهان جي قوم جو ڪو ماڻهو غريب ٿي ويو هجي ۽ پنهنجي ملڪيت مان ڪجھہ زمين وڪڻي ڇڏي، تہ پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ جو عيوضو ڀرڻ جو ذميوار عزيز سندس اها ملڪيت ڇڏائي.


هن جو چاچو، ڪو سؤٽ يا سندس خاندان مان ڪوبہ ويجھو مائٽ هن کي ڇڏائي ٿو سگھي، يا وري جي هو پاڻ شاهوڪار ٿي وڃي تہ پاڻ کي ڇڏائي ٿو سگھي.


جيڪڏهن هن کي ڪو ڀاءُ بہ نہ هجي، تہ پوءِ سندس ورثو سندس چاچن کي ڏنو وڃي.


اهي ئي قانون اوهان ۽ اوهان جي سڀني پيڙهين لاءِ آهن، پوءِ کڻي جتي بہ اوهين رهو.


سو انهيءَ ڏينهن کان وٺي اڄ تائين بني اسرائيل ۾ اهو ئي قاعدو ۽ دستور هلندو اچي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan