Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 26:54 - Muslim Sindhi Bible

54 جنهن قبيلي ۾ گھڻا ماڻهو هجن تنهن کي گھڻو حصو ۽ جنهن قبيلي ۾ ٿورا ماڻهو هجن تنهن کي ٿورو حصو ڏنو وڃي. مطلب تہ هر هڪ قبيلي کي سندس شمار ڪيل ماڻهن موجب حصو ڏنو وڃي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

54 جنهن قبيلي ۾ گهڻا ماڻهو هجن، تنهن کي گهڻو ورثو ملي، ۽ جنهن قبيلي ۾ ٿورا ماڻهو هجن، تنهن کي ٿورو ورثو ملي: هرهڪ قبيلي کي سندس شمار ڪيل ماڻهن موجب ورثو ملي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 26:54
7 Iomraidhean Croise  

”انهن قبيلن کي اها زمين نالن موجب ورثي طور ورهائي ڏني وڃي.


”اهو ملڪ جنهن تي خداوند بني اسرائيل جي هٿان قبضو ڪيو آهي ۽ جنهن ۾ عطارات، ديبون، يعزير، نمراہ، حشبون، العالي، سبام، نبو ۽ بعون شهر آهن، تنهن جي زمين چوپائي مال جي لاءِ تمام چڱي آهي. جيئن تہ اسان اوهان جي ٻانهن وٽ گھڻو چوپايو مال آهي،


سو جيڪڏهن اسان تي توهان جي مهربانيءَ جي نظر آهي تہ هيءُ ملڪ اسان پنهنجن خادمن کي ملڪيت ڪري ڏيئي ڇڏيو ۽ اسان کي اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر نہ وٺي هلو.“


اوهين اهو ملڪ پُکا وجھي پنهنجن اباڻن قبيلن موجب ورهائي کڻجو. گھڻن کي گھڻو ورثو ڏجو ۽ ٿورن کي ٿورو ورثو ڏجو. جنهن ماڻهوءَ جي نالي جنهن هنڌ جو پُکو پوي، اهو هنڌ انهيءَ کي ڏجو.


جڏهن اوهين بني اسرائيل جي موروثي ملڪيت مان لاوين کي اهي شهر ڏيو، تڏهن جن قبيلن کي گھڻا شهر مليل هجن تن کان گھڻا وٺجو ۽ جن کي ٿورا مليل هجن تن کان ٿورا وٺجو. مطلب تہ هر قبيلو پنهنجي مليل ميراث مطابق لاوين کي شهر ڏئي.“


بني يوسف يشوع کي چيو تہ ”توهان ڇو اسان کي زمين جو رڳو هڪڙو حصو ورثي طور ڏنو آهي؟ حالانڪ اسين هڪ وڏو قبيلو آهيون، ڇو تہ خداوند اسان ۾ برڪت وڌي آهي.“


بني شمعون جو ورثو بني يهوداہ جي ورثي مان کنيو ويو هو، ڇاڪاڻ تہ بني يهوداہ جو حصو سندن گھرج کان وڌيڪ هو. سو بني شمعون کي ورثو يهوداہ جي علائقي جي وچ ۾ مليو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan