Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 26:5 - Muslim Sindhi Bible

5 روبن جيڪو اسرائيل جو پهريتو پٽ هو تنهن جي قبيلي مان حنُوڪ جو نسل، فلو جو نسل،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 روبن، جيڪو اسرائيل جو پهريتو پٽ هو، تنهن جا پٽ هي آهن؛ حنوڪ، جنهن کان حنوڪين جو گهراڻو شروع ٿيو: فلو، جنهن کان فلوئين جو گهراڻو شروع ٿيو:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 26:5
11 Iomraidhean Croise  

لياہ پيٽ سان ٿي ۽ کيس پٽ ڄائو. هن انهيءَ جو نالو روبن رکيو، ڇوجو هن چيو تہ ”خدا منهنجو ڏک ڏٺو آهي ۽ هاڻ منهنجو مڙس مون سان پيار ڪندو.“


جڏهن يعقوب انهيءَ علائقي ۾ رهيو پيو هو تڏهن هڪ ڏينهن روبن پنهنجي پيءُ يعقوب جي سريت بلهاہ سان وڃي ستو ۽ يعقوب کي انهيءَ ڳالهہ جي خبر پئجي ويئي.


يعقوب کي ٻارهن پٽ هئا جن مان لياہ مان هئس: روبن، جيڪو يعقوب جو وڏو پٽ هو، شمعون، لاوي، يهوداہ، اِسڪار ۽ زبولون.


يعقوب جي وڏي پٽ روبن جو اولاد هي آهي. جيتوڻيڪ روبن پهريون ڄاول ٻار هو، تہ بہ پنهنجي پيءُ جي سريت سان هم‌بستر ٿيڻ جي ڪري هو پنهنجو پهريتي هجڻ جو حق وڃائي ويٺو هو. سندس اهو حق سندس ڀاءُ يوسف جي اولاد کي ڏنو ويو هو.


روبن جا پٽ هي هئا: حُنوڪ، فلو، حصرون ۽ ڪرمي.


موسيٰ ۽ هارون جي اباڻن خاندانن جا وڏا هي هئا. يعقوب جي پهريتي پٽ روبن کي چار پٽ هئا: حنُوڪ، فلو، حصرون ۽ ڪرمي. انهن جي نالن تي روبن جا گھراڻا هئا.


جيڪي مرد ويهن سالن جا يا انهيءَ کان مٿي هئا ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا، تن جا نالا سندن نسل ۽ ڪٽنب موجب درج ڪيا ويا. نالن درج ڪرڻ جي شروعات يعقوب جي وڏي پٽ روبن جي قبيلي سان ڪئي ويئي. درج ڪيلن جو تعداد هن ريت آهي: روبن جي قبيلي جا ڇائيتاليهہ هزار پنج سؤ مرد، شمعون جي قبيلي جا اوڻهٺ هزار ٽي سؤ، جد جي قبيلي جا پنجيتاليهہ هزار ڇهہ سؤ پنجاهہ، يهوداہ جي قبيلي جا چوهتر هزار ڇهہ سؤ، اِسڪار جي قبيلي جا چوونجاهہ هزار چار سؤ، زبولون جي قبيلي جا ستونجاهہ هزار چار سؤ، يوسف جي پٽ افرائيم جي قبيلي جا چاليهہ هزار پنج سؤ، يوسف جي پٽ منسيءَ جي قبيلي جا ٻٽيهہ هزار ٻہ سؤ، بنيامين جي قبيلي جا پنجٽيهہ هزار چار سؤ، دان جي قبيلي جا ٻاهٺ هزار ست سؤ، آشر جي قبيلي جا ايڪيتاليهہ هزار پنج سؤ، نفتاليءَ جي قبيلي جا ٽيونجاهہ هزار چار سؤ مرد.


تہ جيئن خداوند جي حڪم موجب جن جي عمر ويهہ سال يا انهيءَ کان مٿي هجي تن جو شمار ڪيو وڃي. جيڪي بني اسرائيل مصر مان نڪري آيا هئا سي هي هئا.


حصرون جو نسل ۽ ڪرميءَ جو نسل هو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan