28 يوسف جا قبيلا، سندس ٻنهي پٽن منسي ۽ افرائيم منجھان هي هئا:
28 يوسف جا پٽ ۽ سندن گهراڻا: منسي ۽ افرائيم.
مصر جي ملڪ ۾ يوسف کي اون شهر جي مذهبي اڳواڻ فوطيفرع جي ڌيءَ آسنات مان منسي ۽ افرائيم ڄاوا.
يعقوب وڌيڪ چيس تہ ”هاڻي تنهنجا ٻہ پٽ افرائيم ۽ منسي جيڪي مصر جي ملڪ ۾ منهنجي اچڻ کان اڳ ۾ تو کي ڄاوا، سي منهنجا آهن. اهي روبن ۽ شمعون وانگر منهنجا آهن.
منسيءَ جي اوڀر واري اڌ قبيلي جا ماڻهو بسن کان وٺي اتر طرف ۾ بعلحرمون، سنير ۽ حرمون جبل تائين آباد ٿي ويا ۽ سندن تعداد وڌندو ويو.
منسيءَ ولد يوسف ولد يعقوب جو اولاد هي هو. اسريايل سندس ارامي سريت مان هو. سندس سريت کي جِلعاد جو پيءُ مڪير پڻ ڄائو.
شال سندن ديس عمدين عمدين شين سان ڀرپور هجي، هائو، تنهن جي ئي برڪت سان جنهن ٻرندڙ ٻوڙي مان ٿي ڳالهايو. شال خداوند جي خيرخواهيءَ جي برڪت بني يوسف تي نازل ٿئي، هائو، اهو ئي يوسف جيڪو پنهنجي ڀائرن جو سردار هو.