11 پر قورح جا پٽ ڪونہ ماريا ويا.
11 تہ بہ قورح جا پٽ ڪين مئا.
امرياہ، اخيطوب،
سلوم ولد قوري ولد ابيآسف ۽ سندس گھراڻي بني قورح جا ٻيا دربان هيڪل جي دروازن جي نظرداري ڪندا هئا، جهڙيءَ طرح سندن وڏا خداوند جي مقدس خيمي جا دربان هوندا هئا.
جيئن ڪا هرڻي پاڻيءَ جي چشمن لاءِ ٿي سِڪي، اي خدا! تيئن ئي آءٌ تو لاءِ پيو سِڪان.
اي خدا! اسان پنهنجن ابن ڏاڏن کان پنهنجي ڪنن سان ٻڌو آهي، تہ تو سندن ڏينهن ۾ ڪيڏا نہ عجيب وَ غريب ڪم ڪيا هئا.
منهنجي دل هڪڙي چڱي مضمون سان ٽمٽار آهي. مون بادشاهہ بابت جيڪو گيت ٺاهيو آهي سو بيان ڪريان ٿو. منهنجي زبان ماهر ڪاتب جي قلم وانگر آهي.
خدا اسان جي پناهہ ۽ اسان جي طاقت آهي. اهو مصيبت جي وقت تي هر دم تيار مددگار آهي.
اي سموريون قومون! اوهين خوشيءَ مان تاڙيون وڄايو. اوهين وڏي آواز سان خدا جي واکاڻ ڳايو،
خداوند عظيم ۽ وڏيءَ ساراهہ جي لائق آهي. اسان جي خدا جو شهر، جيڪو سندس مقدس جبل تي آهي،
اي سموريون قومون! اوهين منهنجي ڳالهہ ٻڌو. اي دنيا جا سڀيئي رهاڪؤ! اوهين مون ڏانهن ڪن ڏيو.
خداوند، قادرِمطلق خدا، سڄيءَ دنيا وارن کي سڏايو آهي. هائو، هن اوڀر کان اولهہ تائين سڄيءَ دنيا کي گھرايو آهي.
قورح کي ٽي پٽ هئا: اسير، القاناہ ۽ ابياسف. انهن جي نالن سان قورح جا گھراڻا وڌيا.
سو اهي ماڻهو قورح، داتن ۽ ابيرام جي تنبن وٽان پري هٽي ويا. داتن ۽ ابيرام پنهنجين زالن، پٽن ۽ ننڍڙن ٻارن سميت نڪري اچي پنهنجن تنبن جي در تي بيٺا.
زمين وات پٽيو ۽ هنن کي سندن گھر ٻار سميت ۽ قورح سان واسطو رکندڙ ماڻهن کي سندن مال ملڪيت سميت ڳهي ويئي.
اهڙيءَ طرح هو پنهنجي مال ملڪيت سميت جيئري ئي وڃي قبر داخل ٿيا. پوءِ زمين انهن جي مٿان هڪ ٿي ويئي ۽ هو قوم مان ناس ٿي ويا.
پوءِ هن قورح ۽ سندس سڄي ٽولي کي چيو تہ ”سڀاڻي صبح جو خداوند پاڻيهي ڏيکاريندو تہ ڪير سندس آهي ۽ ڪير مخصوص آهي جيڪو سندس ويجھو وڃي، ڇاڪاڻ تہ جنهن کي چونڊيو هوندائين تنهن کي ئي پنهنجي ويجھو اچڻ ڏيندو.
شمعون جي قبيلي مان نموايل جو نسل، يامين جو نسل، يڪين جو نسل،
ياد ڪريو، هن داتن ۽ ابيرام، جيڪي الياب جا پٽ ۽ روبن جا پوٽا هئا، تن جو ڪهڙو حال ڪيو. ڪيئن زمين پنهنجو وات پٽيو ۽ انهن کي، انهن جي گھر ٻار، تنبن ۽ سندن نوڪرن ۽ جانورن کي بني اسرائيل جي سامهون ڳهي ويئي.
اولاد جي بدلي والدين کي موت جي سزا نہ ڏني وڃي، نڪي والدين جي بدلي اولاد کي. هر ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي ئي گناهہ لاءِ موت جي سزا ڏني وڃي.