9 پر اها وبا اڳ ۾ ئي چوويهہ هزار ماڻهو ماري چڪي هئي.
9 ۽ جيڪي طاعون ۾ مئا سي چوويهہ هزار هئا.
تڏهن خداوند صبح کان وٺي مقرر ڪيل وقت تائين بني اسرائيل تي وبا موڪلي، جنهن ۾ دان کان وٺي بيرسبع تائين ستر هزار ماڻهو مري ويا.
سو خداوند ماڻهن تي انهيءَ سوني گابي ٺاهڻ واري گناهہ جي ڪري آفت آندي، جيڪو هنن هارون کان ٺهرايو هو.
سو انهن خراب خبر ٻڌائيندڙ ماڻهن کي خداوند وبا سان ماري ڇڏيو.
هو مئلن ۽ جيئرن جي وچ ۾ بيهي رهيو، تڏهن وبا بند ٿي ويئي.
خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ
وبا کان پوءِ خداوند موسيٰ ۽ هارون ڪاهن جي پٽ اليعزر کي فرمايو تہ
انهن عورتن ئي تہ بلعام جي چوڻ تي پعور واري ڳالهہ ۾ قوم کي پنهنجي خداوند کان ڦيري ڇڏيو هو، جنهن ڪري خداوند جي قوم ۾ وبا پيئي هئي.
نڪي اسان کي زناڪاري ڪرڻ گھرجي، جيئن انهن مان ڪن زناڪاري ڪئي ۽ هڪڙي ئي ڏينهن ۾ ٽيويهہ هزار ماڻهو موت جي حوالي ڪيا ويا.