Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 25:8 - Muslim Sindhi Bible

8 ۽ انهيءَ مرد جي پٺيان قبي واري هڪ تنبوءَ ۾ گھڙيو، جتي هن انهن ٻنهي، يعني انهيءَ مرد ۽ ان عورت جي پيٽ ۾ اُهو ڀالو ٽُنبي ڏنو. اهڙيءَ طرح بني اسرائيل منجھان وبا ختم ٿي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

8 ۽ انهي اسرائيلي ماڻهوءَ جي پٺيان تنبوءَ ۾ وڃي انهن ٻنهي، يعني انهي اسرائيلي مرد، ۽ انهيءَ زال جو پيٽ ونڌي ڇڏيائين. انهيءَ طرح بني اسرائيل مان طاعون بند ٿيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 25:8
10 Iomraidhean Croise  

پوءِ بنيامين جي علائقي جي ضيلع شهر ۾ سائول جي پيءُ قيس جي قبرستان ۾، سائول ۽ سندس پٽ يونتن جا هڏا دفن ڪيا ويا. سو بادشاهہ جيڪو بہ حڪم ڪيو سو سڀ بجا آندو ويو. تنهن کان پوءِ خدا بني اسرائيل وارن جي پنهنجي ملڪ جي باري ۾ دعا ٻڌي.


پوءِ دائود اتي خداوند جي لاءِ هڪڙي قربان‌گاهہ جوڙائي ۽ ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ جون قربانيون پيش ڪيائين. اهڙيءَ طرح خداوند انهيءَ ملڪ جي لاءِ دعا ٻڌي ۽ بني اسرائيل قوم تان اها وبا ٽري ويئي.


پوءِ دائود اُروناہ کي چيو تہ ”مون کي پنهنجو اَن ڳاهڻ وارو پِڙ ڏي، تہ آءٌ اتي خداوند جي لاءِ هڪڙي قربان‌گاهہ جوڙيان تہ مَن خلق تان وبا ٽري وڃي. تون انهيءَ پِڙ لاءِ ڀلي مون کان پوري قيمت وٺ.“


شروعات ۾ مون پنهنجي عهد ۾ اوهان جي وڏن جون زندگيءَ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۽ سلامتي ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو ۽ اهي مون کين انهيءَ لاءِ عطا ڪيون تہ جيئن اهي شڪرگذاريءَ سان منهنجي بندگي ڪندا رهن. سچ پچ تہ هنن ائين ئي ڪيو ۽ منهنجي تعظيم بہ ڪيائون.


جيڪو بہ ماڻهو خداوند جي مقدس خيمي جي رڳو ويجھو ئي ٿو اچي سو مري ٿو وڃي، تہ پوءِ ڇا اسين سڀيئي ختم ٿي وينداسين؟“


”هارون ڪاهن جي پوٽي، اليعزر جي پٽ فينحاس جيڪي ڪيو آهي، تنهن سبب بني اسرائيل تان منهنجي ڪاوڙ ٽري ويئي آهي، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي هنن مان منهنجي غيرت جي ڪري غيرتمند ٿيو. اهو ئي سبب آهي جو مون بني اسرائيل کي پنهنجي غيرت سببان برباد نہ ڪيو.


تڏهن موسيٰ بني اسرائيل جي حاڪمن کي چيو تہ ”اوهين پنهنجي پنهنجي قبيلي جي هر انهيءَ شخص کي قتل ڪري ڇڏيو، جيڪو پعور واري بعل معبود جي پوڄا ڪندڙ آهي.“


هنن انهيءَ جي مٿان پٿرن جو هڪڙو وڏو ڍير ڪري ڇڏيو جيڪو اڄ ڏينهن تائين اتي موجود آهي. انهيءَ ڪري اها ماٿري اڄ ڏينهن تائين عڪور جي نالي سان سڏجي ٿي. پوءِ خداوند بني اسرائيل تان پنهنجو غضب هٽايو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan