ڳاڻاٽو 25:2 - Muslim Sindhi Bible2 اهي عورتون کين پنهنجن معبودن جي اڳيان قربانين جي موقعي تي اچڻ جي دعوت ڏينديون هيون. هو اتي وڃي کاڌو کائيندا هئا ۽ انهن جي معبودن جي اڳيان سجدو ڪندا هئا. Faic an caibideilSindhi Bible2 ۽ انهن هنن ماڻهن کي پنهنجن معبودن جي قربانين جي موقعي تي اچڻ جي دعوت ڏني؛ ۽ هي ماڻهو اتي وڃي کائيندا، ۽ انهن جي معبودن جي اڳيان سجدو ڪندا هئا. Faic an caibideil |
خداوند فرمائي ٿو تہ ”مون خداوند بني اسرائيل کي ائين ڏٺو، جيئن بيابان ۾ ڪا انگورن جي ول هجي، مون انهن کي اهڙو پسند ڪيو، جيئن وڻ جو ڪو پهريون ڦل هجي. هائو، انجير جو اهو پهريون ڦل، جيڪو موسم جي شروعات ۾ لهي. پر هنن مون کي ڇڏي پعور جبل واري بعل ديوتا جي پوڄا ڪئي، جيڪو ڪراهت جوڳو بت هو، ائين ڪرڻ سان اُهي پنهنجي انهيءَ پياري بت جيان بيحد ڪراهت جوڳا ٿي پيا.