تنهن کان سواءِ آءٌ هنن سان هميشہ واري سلامتيءَ جو عهد اقرار ڪندس. آءٌ کين انهيءَ ملڪ ۾ آباد ڪندس ۽ سندن اولاد کي گھڻو وڌائيندس ۽ پنهنجي مقدس هيڪل کي سندن ئي ملڪ ۾ هميشہ جي لاءِ قائم ڪندس.
قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”پر اي ڪاهنؤ! اوهين هاڻ صحيح راهہ کان هٽي ويا آهيو. اوهان جي تعليم سان ماڻهو گمراهہ ٿي ويا آهن. اوهان انهيءَ عهد کي ٽوڙي ڇڏيو آهي، جيڪو مون اوهان جي لاوي گھراڻي سان ڪيو هو.