Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 24:8 - Muslim Sindhi Bible

8 بيشڪ جنهن خدا اوهان کي مصر ملڪ مان ڪڍي آندو، سو ڪيڏي نہ وڏي قدرت وارو آهي. هو پنهنجي مخالف قومن جا هڏا ڀڃي ڀوري ڇڏيندو، ۽ پنهنجي تيرن سان کين چچري ناس ڪري ڇڏيندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

8 خدا هن کي مصر مان ڪڍي آندو آهي؛ هن ۾ ڄڻ تہ جهنگلي سان جهڙو زور آهي: جيڪي قومون هن جي برخلاف آهن، تن کي هو کائي کپائي ڇڏيندو، ۽ انهن جا هڏا ڀڃي ڀوري ڇڏيندو، ۽ پنهنجن تيرن سان انهن کي ماريندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 24:8
18 Iomraidhean Croise  

تون انهن تي لوهہ جي شاهي لٺ سان حڪمراني ڪندين، تون انهن کي ٺڪر جي ٿانون وانگر ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندين.‘“


تون جڏهن پنهنجا تير زهہ تي چاڙهي سندن سامهون ٿيندين، تڏهن کين پٺي ڏياري ڀڄائي ڪڍندين.


تو بادشاهہ جا تير تکا آهن، سو اهي پنهنجي دشمنن جي دلين ۾ هڻي ڪڍ، تان‌تہ سڀيئي قومون اچي تنهنجي پيرن ۾ ڪِرن.


تنهنجي تخت کي خدا هميشہ هميشہ لاءِ قائم ڪيو آهي. تنهنجي شاهي لٺ عدل وَ انصاف واري لٺ آهي.


پر جيڪڏهن اوهين سچ پچ هن جو چيو مڃيندا ۽ جيڪي ڪجھہ آءٌ چوان ٿو سو سڀ ڪندا، تہ پوءِ آءٌ اوهان جي دشمنن جو دشمن ٿيندس ۽ اوهان جي مخالفن جو مخالف ٿيندس.


سڄي سڄي رات آءٌ تڪليف وچان رڙندو رهندو هئس، ڄڻ ڪنهن شينهن وانگر تو منهنجا سڀ هڏ گڏ ڀڃي ڇڏيا هجن. مون سمجھيو ٿي تہ تو منهنجي حياتي ڏينهن کان رات ٿيڻ وارين چند گھڙين تائين پوري ڪري ڇڏي آهي.


بني اسرائيل وارا ڀٽڪيل رڍن جي ڌڻ وانگر آهن، جنهن جو پيڇو ڪري شينهن کيس ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو آهي. پهريائين اشور جو شهنشاهہ بني اسرائيل کي ڳڙڪائي ويو ۽ بعد ۾ بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر انهن جا هڏا بہ چٻاڙي ڇڏيا.


ڏسو، آءٌ اتر وارن ملڪن مان وڏين وڏين قومن جو هڪڙو جٿو اڀاري بابل تي چاڙهي آڻيندس. هو ان جي سامهون صفون ٻڌي بيهندا ۽ انهيءَ تي قبضو ڪري وٺندا. هنن جا تيرانداز ايترا تہ ماهر هوندا، جو سندن هڪڙو بہ تير نہ گسندو.


پوءِ بادشاهہ جي حڪم تي انهن ماڻهن کي آندو ويو، جن دانيال تي تهمت هنئي هئي. انهن کي سندن زالن ۽ ٻارن ٻچن سميت کڻي شينهَن جي ڏر ۾ وڌو ويو. پوءِ انهيءَ کان اڳ جو اهي ڏر جي تري تائين پهچن، شينهَن مٿن حملو ڪري کين چيري ڦاڙي ڇڏيو ۽ سندن هڏگڏ ڀڃي ڇڏيائون.


رڳو، اوهين خداوند جي خلاف بغاوت نہ ڪريو، نڪي انهيءَ ملڪ جي ماڻهن کان ڊڄو. هو تہ اسان جو کاڄ آهن. خداوند اسان سان آهي ۽ انهن تان ڇانوَ کڄي ويئي آهي، سو اوهين انهن کان نہ ڊڄو.“


هو خدا ۽ موسيٰ جي خلاف ڳالهائڻ لڳا. هو چوڻ لڳا تہ ”ڇو اوهان اسان کي مصر مان ڪڍي هن بيابان ۾ مرڻ جي لاءِ آندو آهي، جتي نہ ماني آهي، نہ پاڻي؟ اسان جي دل کي هن ڪني کاڌي کان ڪراهت ٿي اچي.“


بيشڪ جنهن خدا کين مصر ملڪ مان ڪڍي آندو، سو ڪيڏي نہ وڏي قدرت وارو آهي.


ڏس، بني اسرائيل زورآور شينهڻ جيان اُٿي کڙا ٿيا آهن، اهڙي شينهڻ جيان جيڪا تيستائين آرام نہ ٿي ڪري جيستائين شڪار کي نہ ٿي ڳڙڪائي ۽ انهيءَ جو رت نہ ٿي پيئي.“


هيروديس جي مرڻ تائين هو اُتي ئي رهيا، انهيءَ لاءِ تہ خداوند نبيءَ جي معرفت جيڪي چيو هو سو پورو ٿئي تہ ”مون پنهنجي فرزند کي مصر مان گھرايو آهي.“


آءٌ انهن تي هر طرح جي آفتن جا انبار لڳائي ڇڏيندس، هائو، آءٌ پنهنجو هر هڪ تير انهن تي کپائي ڇڏيندس.


آءٌ پنهنجي تيرن کي رت پيئاري مست ڪندس، پوءِ اهو رت جنگ ۾ قتل ٿيلن جو هجي توڙي قيد ٿيلن جو. آءٌ پنهنجي تلوار کي ماس کارائيندس، اهو ماس جيڪو دشمنن جي سردارن جي سر جو هوندو.‘


موسيٰ چيو تہ ”جڏهن خداوند اوهان جو خدا اوهان کي انهيءَ ملڪ ۾ پهچائيندو، جنهن تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا، تڏهن اتي جون ست قومون يعني حتي، جِرجاشي، اموري، ڪنعاني، فرزي، حِوي ۽ يبوسي، جيڪي اوهان کان وڏيون ۽ طاقت واريون آهن، تن کي اوهان جي اڳيان ڀڄائي ڪڍندو.


اسان ٻڌو آهي تہ جڏهن اوهين مصر مان ٿي نڪتا، تڏهن ڪهڙيءَ طرح خداوند اوهان جي لاءِ ڳاڙهي سمنڊ جو پاڻي سڪائي ڇڏيو هو. اسان اهو بہ ٻڌو آهي تہ اوهان اردن درياءَ جي اوڀر طرف امورين جي ٻن بادشاهن، سيحون ۽ عوج جون ڪيئن پاڙون پٽي ڇڏيون.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan