Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 24:7 - Muslim Sindhi Bible

7 اوهين ۽ اوهان جو اولاد اهڙو تہ خوشحال ٿيندو، جيئن جھجھي پاڻيءَ جي ڀر وارا باغيچا هوندا آهن. اوهان جو بادشاهہ اَجاج جي بادشاهہ کان وڌيڪ زورآور ٿيندو، ۽ سندس بادشاهت تمام بلنديءَ تي وڃي پهچندي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

7 پاڻي هن جي ڏولن مان وهندو، ۽ هن جو ٻج گهڻن پاڻين ۾ هوندو، هن جو بادشاهہ اجاج کان وڏو ٿيندو، ۽ هن جي بادشاهت وڌندي ويندي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 24:7
29 Iomraidhean Croise  

تڏهن دائود کي پڪ ٿي تہ ”خداوند مون کي بني اسرائيل جي مٿان بادشاهہ طور قائم ڪري ڇڏيو ۽ منهنجي بادشاهيءَ کي پنهنجي قوم بني اسرائيل جي خاطر سرفراز ڪيو اٿس.“


فرات نديءَ کان وٺي فلستين جي ملڪ، ويندي مصر جي سرحد تائين جيڪي بہ بادشاهتون هيون تن سڀني تي سليمان حڪمراني ڪندو هو. هو سليمان کي ٽيڪس ڏيندا هئا ۽ انهيءَ جي سڄي حياتيءَ تائين سندس راڄ ٿي رهيا.


صور ملڪ جو بادشاهہ حيرام جيڪو هميشہ دائود جو دوست رهيو هو، تنهن جڏهن ٻڌو تہ سليمان کي مسح ڪري سندس پيءُ دائود جي جاءِ تي بادشاهہ بڻايو ويو آهي، تڏهن هن سليمان ڏانهن پنهنجا ايلچي موڪليا.


دائود سمجھي ورتو تہ خداوند کيس بني اسرائيل تي بادشاهہ طور قائم ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ سندس بادشاهي پنهنجي قوم بني اسرائيل جي خاطر بلند وَ بالا ڪئي ويئي هئي.


جيئن تہ يروشلم ۾ وڏا طاقتور بادشاهہ ٿي گذريا آهن جن اولهہ واري فرات نديءَ جي صوبي وارن سڀني ملڪن تي بادشاهي پئي ڪئي آهي ۽ کين ڍل، ٽيڪس ۽ چونگي پئي مليا آهن.


ڪجھہ وقت کان پوءِ شهنشاهہ اخسويرس هامان اجاجي ولد همداتا کي ترقي ڏيئي کيس سرفراز ڪيو ۽ پنهنجي سڀني اميرن کان مٿاهون درجو ڏنائينس.


اي خداوند! تو مون کي نہ رڳو منهنجي قوم جي جھيڙن کان بچايو آهي، بلڪ غير قومن جو بہ سردار بڻائي ڇڏيو اٿيئي. هائو، جن کي مون ڄاتو بہ نہ ٿي سي منهنجي تابع ٿيا آهن.


هو ڳائين ٿا تہ ”هيڪل جي وڏي گڏجاڻيءَ ۾ اوهين پنهنجي خدا کي سڳورو چئو. اوهين جيڪي يعقوب جو نسل آهيو، سي پنهنجي ڌڻيءَ کي سڳورو چئو.“


سمورا بادشاهہ اچي سندس آڏو جھڪندا، ۽ سموريون قومون اچي سندس خدمت ڪنديون.


آءٌ انهيءَ کي پنهنجي پهريتي پٽ ٿيڻ جو حق ڏيئي کيس دنيا جي سڀني بادشاهن کان عظيم بادشاهہ بڻائيندس.


ايندڙ ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو جو خداوند جي هيڪل وارو جبل صيئون، سڀني جبلن کان مٿاهون ڪيو ويندو. هائو، اهو سڀني جبلن کان بلند ڪيو ويندو، ۽ سڀني قومن جو وهڪرو انهيءَ ڏانهن هوندو.


انهيءَ ڏينهن جڏهن اوهان جي دشمنن جا قلعا فتح ڪري سندن قتلام ڪيو ويندو، تڏهن هر جبل ۽ هر ٽڪريءَ تان پاڻيءَ جا چشما ۽ نهرون وهي هلنديون.


اي اوهين! جيڪي بني اسرائيل جي نالي سان سڏجو ٿا، ۽ يهوداہ جي قبيلي مان آهيو. اوهين فخر ڪندي چئو ٿا تہ ”اسين پاڪ شهر يروشلم جا رهاڪو آهيون، ۽ بني اسرائيل جي خدا، قادرِمطلق خداوند تي ڀروسو ٿا رکون.“ هاڻ جيتوڻيڪ اوهين خداوند جي نالي جو قسم کڻو ٿا، ۽ بني اسرائيل جي خدا جي عبادت ڪرڻ جي دعويٰ ٿا ڪريو، تہ بہ ڏسو، اوهين رياڪار آهيو ۽ ڪوڙ ٿا ڳالهايو. اي يعقوب جا گھراڻؤ! ٻڌو.


هن جي بادشاهيءَ جي اقبالمنديءَ ۽ سلامتيءَ جو ڪڏهن بہ خاتمو نہ ٿيندو. هو دائود جي تخت تي بادشاهي ڪندو، ۽ انهيءَ ڏينهن کان وٺي هميشہ تائين انهيءَ کي انصاف ۽ سچائيءَ سان قائم رکندو. شل قادرِمطلق خداوند جي غيرت ائين ڪري.


بابل ملڪ جنهن ۾ بي‌شمار نديون ٿيون وهن ۽ جيڪو خزانن سان مالا مال آهي، سو پنهنجي پڄاڻيءَ کي پهچي ويو آهي ۽ سندس حياتيءَ جي تند ڪٽجڻ واري آهي.


توهان پنهنجي خواب ۾ اهو بہ ڏٺو تہ انساني هٿ لڳڻ کان سواءِ هڪ پٿر ٽڪر مان ٽٽي نڪتو. انهيءَ پٿر لوهہ، پتل، ٺڪر، چانديءَ ۽ سون کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو. انهيءَ جو مطلب هي آهي تہ انهن ئي حڪمرانن جي ڏينهن ۾ عرش عظيم وارو خدا هڪڙي اهڙي بادشاهت قائم ڪندو، جيڪا ڪڏهن بہ ناس نہ ٿيندي. نڪي انهيءَ جي حڪمراني ڪنهن ٻيءَ قوم جي حوالي ڪئي ويندي. اٽلندو اها ٻين سڀني شهنشاهتن کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ناس ڪندي ۽ پاڻ هميشہ لاءِ قائم رهندي. سو اي بادشاهہ! ائين ڪرڻ سان عظيم خدا توهان کي اهو ڪجھہ ڏيکاريو آهي، جيڪو ايندڙ وقت ۾ ٿيندو. توهان اهو ئي خواب ڏٺو آهي ۽ ائين ئي ٿيڻو آهي.“


بلعام پنهنجو الهامي گفتو جاري رکندي چوڻ لڳو تہ ”هاڻي آءٌ رويا ۾ عماليقي قوم ڏسان ٿو، جيڪا سڀ کان طاقتور آهي، پر انهيءَ جو انجام بربادي ٿيندو.“


تنهن تي نٿن‌ايل چيو تہ ”اي استاد! اوهين تہ خدا جا فرزند آهيو. اوهين بني اسرائيل جا بادشاهہ آهيو.“


جڏهن ستين ملائڪ توتارو وڄايو تہ آسمان ۾ وڏا آواز ٻڌڻ ۾ آيا جن چيو ٿي تہ ”دنيا جي بادشاهي اسان جي خداوند خدا ۽ سندس مسيح جي ٿي ويئي آهي. خداوند خدا هميشہ هميشہ تائين بادشاهي ڪندو رهندو.“


پوءِ انهن ستن ملائڪن مان جن وٽ ست پيالا هئا، هڪڙي اچي مون کي چيو تہ ”هيڏانهن اچ تہ تو کي ڏيکاريان تہ انهيءَ مشهور ڪسبياڻيءَ کي ڪهڙي سزا ڏني ويندي، يعني انهيءَ وڏي شهر کي جيڪو گھڻن دريائن جي ڀرسان اڏيل آهي.


پوءِ ملائڪ مون کي چيو تہ ”جن دريائن جي ڀرسان تو ڪسبياڻيءَ کي ويٺل ڏٺو، سي قومون، قبيلا، ٻولين وارا ۽ ذاتيون آهن.


هن جي پوشاڪ تي ران وٽ سندس هي لقب لکيل آهي: ”بادشاهن جو بادشاهہ ۽ خداوندن جو خداوند.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan