Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 24:6 - Muslim Sindhi Bible

6 اوهان جا خيما پري پري تائين اهڙيءَ طرح پکڙيل آهن، جهڙيءَ طرح کجين جون قطارون، اهي ائين ئي پکڙيل آهن جيئن ندين جي ڪنارن وارا باغ، اهي خداوند جي هٿن سان پوکيل عُود جي ٻوٽن جهڙا آهن، اهي ائين آهن جيئن پاڻيءَ جي ڪناري وارا ديال جا وڻ.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 اهي اهڙا تہ پکڙيل آهن، جهڙيون ماٿريون، ۽ جهڙا ندين جي ڪنارن وارا باغ، ۽ جهڙا خداوند جا پوکيل عود جا ٻوٽا، ۽ پاڻيءَ جي ڀر وارا سرو جا وڻ.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 24:6
16 Iomraidhean Croise  

تڏهن لوط چوگرد نهاريو ۽ ڏٺائين تہ اردن ماٿريءَ جو سڄو ميدان جيڪو صغر شهر تائين آهي، تنهن کي مصر جي ملڪ ۽ خداوند جي باغ وانگر ريج ڏنل هو. اها اُها ئي جاءِ هئي جيڪا خداوند جي سدوم ۽ عموراہ کي برباد ڪرڻ کان اڳ ۾ هئي.


اهي انهيءَ وڻ مثل آهن جيڪو نهر جي ڪپ تي لڳل هجي، جيڪو پنهنجي وقت تي ميوو ڏئي ٿو، ۽ جنهن جو پن بہ نہ ٿو ڪومائجي. بيشڪ هو جيڪي بہ ڪن ٿا تنهن ۾ ڪامياب ٿيندا.


لبنان جي ديال وارن وڻن کي جھجھو پاڻي ملي ٿو. اهي وڻ خداوند جا آهن جيڪي هن ئي پوکيا آهن.


تنهنجي شاهي لباس مان مُر، عود ۽ املداس جي خوشبوءِ پئي اچي. عاج سان سينگاريل محلاتن اندر تار وارن سازن جو آواز تو کي خوشي ڏئي ٿو.


آءٌ اخروٽن جي باغ ۾ ويس، انهيءَ لاءِ تہ برساتي نهر وٽ وڻن کي ڏسان. هائو، آءٌ ڏسان تہ انگورن جي ولين ۾ ٻور آيو آهي يا نہ، ۽ ڏاڙهن گل جھليا آهن يا نہ؟


آءٌ بيابان ۾ ديال توڙي ٻٻر جا وڻ، ۽ مينديءَ توڙي زيتون جا وڻ لڳائيندس. آءٌ رڻ‌پٽ ۾ صنوبر، چيل ۽ شمشاد جي وڻن جا ٻيلا لڳائيندس.


آءٌ خداوند هميشہ اوهان جي رهنمائي ڪندس، ۽ رڻ‌پٽ ۾ بہ اوهان کي ڍاول رکندس. آءٌ اوهان کي مضبوط ۽ تندرست ڪندس. هائو، آءٌ اوهان کي اهڙي باغ وانگر ڪندس، جنهن کي جھجھو پاڻي ملندو هجي. اوهين اهڙي چشمي وانگر ٿيندا، جنهن جو پاڻي ڪڏهن بہ نہ ٿو سُڪي.


بلڪ جيڪي مون کي ستائن ٿا تن کي ذليل وَ خوار ڪر، پر مون کي انهيءَ حالت کان بچاءِ. هائو، تون هنن کي دهشت ۾ وجھي ڇڏ، پر مون کي دهشت کان بچاءِ. هنن تي مصيبت جو ڏينهن آڻ ۽ مٿن تباهيءَ مٿان تباهي نازل ڪر.


سو هو ايندا، ۽ صيئون جبل جي چوٽيءَ تي خوشيءَ وچان گيت ڳائيندا، ڇوجو منهنجي ڏنل هنن نعمتن جي ڪري بيحد خوش هوندا: اناج، مئي، زيتون جو تيل، رڍن ٻڪرين ۽ ڍورن ڍڳن جا ڌڻ. هو سرسبز باغ جيان ٿيندا ۽ کين وري ڏک نہ پهچندو.


نديءَ جي ٻنهي پاسن وارن ڪنارن تي هر قسم جا ميويدار وڻ اڀري ايندا، جن جا نہ پن ڪومائبا ۽ نہ وري انهن جو ميوو کُٽندو. اهي هر مهيني تازو ڦر جھليندا، ڇاڪاڻ تہ انهن کي ملندڙ پاڻي مقدس هيڪل کان وهي اچي ٿو. سو نہ رڳو انهن جو ميوو کاڌو ويندو، بلڪ انهن جا پن بہ بيمار ماڻهن جي شفا جي ڪم ايندا.“


انهن ڏينهن ۾ تمام گھڻي خوشحالي ٿيندي جو يهوداہ ملڪ جون سڀيئي نديون پاڻيءَ سان ڀريل وهنديون ۽ ڪڏهن نہ سڪنديون. بلڪ انگورن جون وليون ايترا تہ انگور جھلينديون جو جبلن تان انهن جي مئي وهندي نظر ايندي، ۽ چوپايو مال ايترو تہ خوش هوندو جو انهن جي کير جون ٽڪرن تان نديون وهنديون نظر اينديون، انهن ڏينهن ۾ مون خداوند جي گھر مان هڪڙو چشمو وهي نڪرندو، جيڪو شطيم جي ماٿريءَ کي ريج ڏيندو.


اي بني يعقوب! اوهان جا خيما ڪيڏا نہ چڱا آهن، اي بني اسرائيل! اوهان جي رهائش‌گاهہ ڪيڏي نہ سٺي آهي!


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan