Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 24:4 - Muslim Sindhi Bible

4 هائو، قادرِمطلق جي رويا ڏسندي آءٌ سجدي ۾ ڪران ٿو، ۽ خدا جو فرمان ٻڌي پوءِ هي گفتو چوان ٿو تہ

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 جيڪو خدا جو ڪلام ٻڌي ٿو، ۽ سجدي ۾ ليٽي، کليل اکين سان قادر مطلق جي رويا ٿو ڏسي، سو چوي ٿو تہ:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 24:4
20 Iomraidhean Croise  

تنهن کان پوءِ رويا ۾ خداوند ابرام کي چيو تہ ”اي ابرام! ڊڄ نہ، آءٌ تو کي خطري کان پناهہ ڏيندس ۽ تو کي وڏو انعام ڏيندس.“


سج لهڻ مهل ابرام کي ڏاڍي ننڊ اچي ويئي ۽ وڏي هيبتناڪ اونداهي مٿس ڇانئجي ويئي.


تڏهن ميڪاياہ وراڻيو تہ ”مون اسرائيل وارن کي جبلن جي مٿان ائين پکڙيل ڏٺو جيئن ڌنار کان سواءِ رڍون هونديون آهن. خداوند فرمايو تہ ’هنن جو ڪوبہ ڌڻي سائين ڪونهي، سو چڱائي انهيءَ ۾ اٿن جو هو پنهنجي پنهنجي گھر سلامتيءَ سان موٽي وڃن.‘“


خدا پنهنجي چونڊيل بندن کي اڳي رويا ۾ هيئن فرمايو هو تہ ”مون پنهنجي قوم مان هڪڙي کي چونڊي سرفراز ڪيو آهي. هائو، مون هڪڙي جنگي جوڌي کي سندن بادشاهہ بڻايو آهي.


جيڪا اهڙي رنگدار ٿي ڏسڻ ۾ آئي جهڙا انڊلٺ جا رنگ. خداوند جي انهيءَ جلوي جي تجلي ڏسي آءٌ حزقي‌ايل منهن ڀر زمين تي سجدي ۾ ڪري پيس. تڏهن مون هڪڙو آواز ٻڌو جيئن ڪو ڳالهائي رهيو هجي.


کين چيائين تہ ”هاڻي منهنجي ڳالهہ ٻڌو. جيڪڏهن اوهان ۾ ڪو نبي هوندو تہ آءٌ خداوند رويا ۾ انهيءَ تي ظاهر ٿيندس ۽ خواب ۾ انهيءَ سان ڳالهائيندس.


انهيءَ رات خدا بلعام وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ”جيڪڏهن هي ماڻهو تو کي وٺڻ آيا آهن تہ تون اُٿ ۽ بيشڪ انهن سان وڃ. پر جيڪي آءٌ تو کي چوان رڳو تنهن تي ئي عمل ڪجانءِ.“


پوءِ خداوند بلعام جون اکيون کوليون، تڏهن هن خداوند جي ملائڪ کي هٿ ۾ اگھاڙي تلوار کنيو رستي ۾ بيٺل ڏٺو. تنهن تي هن جھڪي سجدو ڪيو.


پوءِ بلعام چوڻ لڳو تہ ”آءٌ بعور جو پٽ بلعام هي الهامي گفتو چوان ٿو، خدا جيڪي رويا ۾ ڏيکاري ٿو سو آءٌ صاف صاف ڏسان ٿو.


اي بني يعقوب! اوهان جا خيما ڪيڏا نہ چڱا آهن، اي بني اسرائيل! اوهان جي رهائش‌گاهہ ڪيڏي نہ سٺي آهي!


هن کي بک لڳي ۽ چاهيائين تہ ”ڪجھہ کاوان.“ سو جڏهن کاڌو اڃا تيار پئي ٿيو تہ هن کي رويا ڏيکاري ويئي.


پطرس اڃا تائين سوچي رهيو هو تہ انهيءَ رويا جو مطلب ڇا آهي تہ پاڪ روح کيس چيو تہ ”ٻڌ، ٽي ماڻهو تو کي ڳولي رهيا آهن.


پوءِ آءٌ موٽي يروشلم ۾ آيس ۽ جڏهن هيڪل ۾ دعا گھري رهيو هئس تہ مون کي هڪ رويا ڏسڻ ۾ آئي،


خداوند واري ڏينهن، يعني آچر جي ڏينهن آءٌ پاڪ روح جي ضابطي ۾ اچي ويس ۽ پنهنجي پٺيان توتاري جي آواز جهڙو هڪڙو وڏو آواز ٻڌم،


جڏهن مون هن کي ڏٺو تہ سندس پيرن تي ڪري مُڙدي وانگر پئجي رهيس. هن پنهنجو ساڄو هٿ مون تي رکي چيو تہ ”ڊڄ نہ، آءٌ شروعات، پڇاڙي


هن بہ پنهنجا ڪپڙا لاهي ڦٽا ڪيا ۽ سموئيل جي اڳيان بي‌خوديءَ ۾ نچي واڪا ڪرڻ لڳو. اهو سڄو ڏينهن ۽ سڄي رات هو اگھاڙو پيو هو. تنهنڪري ئي اها چوڻي ٿي ويئي تہ ”واہ! سائول بہ نبين مان ٿي ويو آهي!“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan