Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 24:16 - Muslim Sindhi Bible

16 هائو، قادرِمطلق جي رويا ڏسندي آءٌ سجدي ۾ ڪران ٿو. آءٌ خدا تعاليٰ جو فرمان ٻڌي سندس ڄاڻ حاصل ڪريان ٿو. پوءِ هي گفتو چوان ٿو تہ

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

16 جيڪو خدا جو ڪلام ٿو ٻڌي، ۽ جيڪو خدا تعاليٰ جو علم ٿو ڄاڻي، ۽ جيڪو سجدي ۾ ليٽي کليل اکين سان قادر مطلق جي رويا ٿو ڏسي، سو چوي ٿو تہ:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 24:16
9 Iomraidhean Croise  

ملڪِ‌صدق جيڪو سالم جو بادشاهہ ۽ خدا تعاليٰ جو خاص بندو هو، تنهن بہ ماني ۽ مئي وٽس آندي.


جڏهن ابرام نوانوي سالن جو ٿيو، تڏهن خداوند ابرام کي ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ ”آءٌ قادرِمطلق خدا آهيان. منهنجي فرمانبرداري ڪر ۽ سچار رهہ.


پوءِ بلعام چوڻ لڳو تہ ”آءٌ بعور جو پٽ بلعام هي الهامي گفتو چوان ٿو، خدا جيڪي رويا ۾ ڏيکاري ٿو سو آءٌ صاف صاف ڏسان ٿو.


آءٌ جھاتي پائي ڏسان ٿو تہ ايندڙ وقت ۾ بني اسرائيل ۾ هڪڙو بادشاهہ کڙو ٿيندو. هائو، بني يعقوب مان اهو هڪ تاري وانگر نڪري نروار ٿيندو. اهو اوهان موآبين کي چئني طرفن کان نپوڙيندو، ۽ سڀني فسادين کي برباد ڪري ڇڏيندو.


۽ هو چوڻ لڳو تہ ”آءٌ بعور جو پٽ بلعام هي الهامي گفتو چوان ٿو، خدا جيڪي رويا ۾ ڏيکاري ٿو سو آءٌ صاف صاف ڏسان ٿو.


هائو، قادرِمطلق جي رويا ڏسندي آءٌ سجدي ۾ ڪران ٿو، ۽ خدا جو فرمان ٻڌي پوءِ هي گفتو چوان ٿو تہ


جيڪڏهن مون کي خدا جو پيغام ٻڌائڻ جي نعمت مليل هجي، سڀني رازن ۽ هر ڄاڻ جي واقفيت هجي، ۽ منهنجو ايمان ايڏو تہ ڪامل هجي، جو آءٌ جبلن کي بہ هٽائي سگھان، پر جيڪڏهن مون ۾ محبت نہ آهي، تہ آءٌ ڪجھہ بہ نہ آهيان.


هاڻي بتن تي قرباني ڪرڻ واري ڳالهہ تي اچو. انهيءَ بابت ڄاڻيندي اسين چئون ٿا تہ ”اسين سڀيئي ڄاڻ رکون ٿا.“ پر ڄاڻ تہ انسان کي مغرور ڪري ٿي، جڏهن تہ محبت ترقي عطا ڪري ٿي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan