Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 24:11 - Muslim Sindhi Bible

11 سو هاڻي جلدي پنهنجي وطن ڏانهن ڀڄي وڃ. مون تہ چيو هو تہ آءٌ تو کي نوازيندس، پر خداوند تو کي انهيءَ کان روڪي رکيو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

11 سو هاڻي تون پنهنجي ملڪ ۾ ڀڄي وڃ: منهنجو خيال هو تہ تنهنجو مرتبو وڌايان؛ پر ڏس، خداوند توکي مرتبي کان روڪي ڇڏيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 24:11
10 Iomraidhean Croise  

آءٌ تو کي گھڻو نوازيندس ۽ جيئن تون چوندين تيئن آءٌ ڪندس. مهرباني ڪري اچ ۽ هنن ماڻهن تي منهنجي خاطر لعنت ڪر.“


اُتي بلق بلعام کي چيو تہ ”ڇا مون تو کي تاڪيد سان نہ گھرايو هو؟ پوءِ تون ڇو مون وٽ هليو نہ آئين؟ ڇا آءٌ تو کي نوازي نہ ٿو سگھان؟“


تڏهن بلق کي بلعام تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. هن پنهنجا هٿ مهٽيندي بلعام کي چيو تہ ”مون تہ تو کي انهيءَ لاءِ سڏايو هو تہ منهنجي دشمنن تي لعنت ڪر، پر تو تہ هنن کي اٽلندو ٽي ڀيرا برڪت ڏني آهي.


تنهن تي بلعام بلق کي وراڻيو تہ ”ڇا مون توهان جي موڪليل قاصدن کي ائين نہ چيو هو تہ


تنهن تي پطرس جواب ڏنس تہ ”شل تون ۽ تنهنجا پئسا ٻئي دوزخ ۾ پئو، جو تون سمجھين ٿو تہ خدا جي بخشش پئسن سان ملي سگھي ٿي.


سچ تہ عيسيٰ مسيح جيڪو منهنجو خداوند آهي، تنهن کي ڄاڻڻ واري عظيم خوبيءَ جي ڀيٽ ۾ آءٌ هر هڪ شيءِ کي نقصان برابر ٿو سمجھان. هن جي خاطر مون سڀني شين تان هٿ کنيو آهي ۽ انهن کي گند ٿو سمجھان، تہ جيئن آءٌ مسيح کي حاصل ڪريان


سو خبردار ٿجو، جيڪا محنت اسان اوهان ۾ ڪئي آهي سا وڃائي نہ ڇڏجو، پر انهيءَ مان پورو پورو اجر حاصل ڪجو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan