Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 23:9 - Muslim Sindhi Bible

9 آءٌ بني اسرائيل کي جبلن جي چوٽيءَ تان ڏسان ٿو، هائو، ٽڪرين تان منهنجي مٿن نظر پوي ٿي. هيءَ اُها قوم آهي جيڪا اڪيلي رهي ٿي، ۽ ڄاڻي ٿي تہ هوءَ ٻين قومن کان بي مثال قوم آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 ڇالاءِ جو جبلن جي چوٽيءَ تان آءٌ هن کي ڏسان ٿو، ۽ ٽڪرين تان منهنجي هن تي نظر ٿي پوي: ڏس، هيءَ اُها اُمت آهي جا اڪيلي ٿي رهي، ۽ ٻين قومن ۾ شمار نہ ڪئي ويندي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 23:9
15 Iomraidhean Croise  

هنن پاڻ ۽ پنهنجي پٽن کي سندن ڌيئرون پرڻايون آهن ۽ خدا لاءِ مخصوص نسل کي غير قومن سان ڳنڍي ڇڏيو اٿن. انهيءَ گناهہ ۾ اڳواڻن ۽ وڏن جو گھڻو هٿ آهي.“


پوءِ شهنشاهہ اخسويرس کي هامان چيو تہ ”هڪڙي قوم آهي جيڪا اوهان جي شهنشاهت جي سڀني صوبن ۾ ٽڙيل پکڙيل ۽ ٻين قومن کان الڳ‌ٿلڳ رهي ٿي. انهيءَ جا رسم وَ رواج ٻين سڀني قومن جي رسم وَ رواجن جي خلاف آهن ۽ اها قوم اوهان شهنشاهہ سلامت جي قانونن کي بہ ڪونہ ٿي مڃي. سو اها ڳالهہ اوهان جي حق ۾ ناهي تہ ان قوم کي ائين ئي ڇڏي ڏجي.


هن ڪري جو پوءِ اها خبر ڪيئن پوندي تہ تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي ۽ تنهنجي قوم تي آهي؟ اها خبر انهيءَ ڳالهہ مان ئي پوندي جو تون اسان سان گڏ هلندو رهين، تہ جيئن آءٌ ۽ تنهنجي قوم سڄيءَ دنيا جي قومن کان ڌار ليکجون.“


اي منهنجي قوم بني يعقوب! اوهين ڊڄو نہ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان سان گڏ آهيان. توڙي جو آءٌ انهن سڀني قومن کي صفا ناس ڪري ڇڏيندس، جن ۾ اوهان کي ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيو اٿم، تڏهن بہ اوهان کي ختم نہ ڪندس. ان جي باوجود آءٌ اوهان کي صفا بي‌سزا بہ نہ ڇڏيندس. هائو، آءٌ اوهان کي سيکت ڏيندس، پر انصاف سان. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


’اُٿو تہ هن قوم تي چڙهائي ڪريون، جيڪا بي‌فڪريءَ ۽ اطمينان سان ٿي رهي. اها هڪ اهڙي قوم آهي، جنهن جي شهرن کي نہ ڪوٽ قلعا آهن ۽ نہ در دروازا، نہ ئي وري ڪا ٻي قوم سندن حمايتي آهي.


آءٌ اسرائيل ملڪ وارن کي سيکت واري ڇاڻيءَ مان ڇاڻي سڀني قومن ۾ ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيندس. پوءِ ڪو هڪڙو بہ بدڪار بچي نہ سگھندو.


اي خداوند! پنهنجي چونڊيل قوم جي رهنمائي ڪر. اچ، اسان جو اچي ريڍار ٿيءُ. اسان جي چوڌاري سرسبز ٻنيون آهن، پر اسين ڪرمل جي جھنگ ۾ اڪيلا پيا رهون. تون اسان جي اڳواڻي ڪري اسان کي بسن ۽ جِلعاد جي علائقن ڏانهن وٺي هل. هائو، اسان کي اڳي وانگر انهن سرسبز چراگاهن ۾ رهاءِ.


تنهنڪري ئي خداوند جو فرمان آهي تہ ”اوهين انهن مان نڪري الڳ ٿي رهو، ۽ ڪنهن بہ پليت شيءِ کي هٿ نہ لايو، تڏهن آءٌ اوهان کي قبول ڪندس.


جڏهن خدا تعاليٰ بني آدم کي جدا جدا قومن ۾ ٿي ورهايو، تڏهن انهن کي الڳ الڳ ملڪ ورثو ڪري ٿي ڏنائين. هائو، هر معبود جي قوم کي پنهنجو پنهنجو حصو مقرر ٿي مليو.


سو اي يعقوب جو اولاد! اوهين انهيءَ ملڪ ۾ سلامتيءَ سان رهندا، جيڪو جھجھي اناج ۽ مئي سان ڀريل آهي، ۽ جنهن تي آسمان مان ماڪ وسندي پيئي رهي.


هن اسان جي خاطر پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي، انهيءَ لاءِ تہ ان جي عيوض اسان کي هر طرح جي بڇڙائيءَ کان ڇڏائي ۽ پاڪ ڪري پنهنجي لاءِ هڪ اهڙي خاص قوم بڻائي، جيڪا نيڪ ڪم ڪرڻ ۾ سرگرم هجي.


پر اوهين هڪڙو چونڊيل نسل، الاهي ڪاهنن جي جماعت، مخصوص قوم ۽ خدا جا اهڙا چونڊيل ماڻهو آهيو، جيڪي سندس خاص ملڪيت آهن. اوهين انهيءَ لاءِ چونڊيا ويا آهيو تہ خدا جي خوبين جو اظهار ڪريو، جنهن اوهان کي اونداهيءَ مان پنهنجي عجيب روشنيءَ ڏانهن سڏيو آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan