Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 23:8 - Muslim Sindhi Bible

8 پر جن تي خدا لعنت نہ ڪئي آهي، تن تي آءٌ ڪيئن لعنت ڪريان؟ هائو، جن کي خداوند ملامت نہ ڪئي آهي، تن کي آءٌ ڪيئن ملامت ڪريان؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

8 پر آءٌ ڪيئن انهي کي لعنت ڪريان، جنهن کي خداوند لعنت نہ ڪئي آهي؟ آءٌ ڪيئن انهي جي حقارت ڪريان، جنهن جي خداوند حقارت نہ ڪئي آهي؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 23:8
8 Iomraidhean Croise  

جنهن پٽ پاراتي جا اوهين مستحق ناهيو، سا انهيءَ پکي جيان آهي جيڪو رڳو هوا ۾ اڏامي ٿو پر هيٺ لهي اچي نقصان نہ ٿو پهچائي.


آءٌ ئي اڳڪٿي ڪندڙن جي نشانين کي باطل قرار ڏيان ٿو، ۽ فال وجھڻ وارن جي فال کي باطل بڻائي کين بي‌وقوف ثابت ٿو ڪريان. ماڻهن جي نظر ۾ جيڪا سياڻپ آهي تنهن کي آءٌ رد ٿو ڪريان، ۽ اهڙن جي سياڻپ کي بي‌وقوفيءَ ۾ ٿو بدلايان.


پر خدا بلعام کي فرمايو تہ ”تون هنن سان نہ وڃ ۽ نہ وري انهن ماڻهن تي لعنت ڪر، ڇاڪاڻ تہ اها قوم برڪت واري آهي.“


سو هاڻي اچ ۽ منهنجي خاطر هنن ماڻهن تي اچي لعنت ڪر، ڇو تہ هو مون کان وڌيڪ طاقتور آهن. پوءِ شايد آءٌ انهن کي شڪست ڏيئي ملڪ مان ڀڄائي ڪڍي سگھان. مون کي خبر آهي تہ جنهن کي تون برڪت ٿو ڏين سو برڪت وارو ٿو ٿئي ۽ جنهن تي تون لعنت ٿو ڪرين سو لعنتي ٿو ٿئي.“


ڏس، مون کي برڪت ڏيڻ جو حڪم مليو آهي، هاڻي خدا جي ڏنل برڪت کي آءٌ ڪيئن ٿو بدلائي سگھان؟


سو بني يعقوب تي ڪوبہ جادو ڪين هلندو، نڪي بني اسرائيل تي ڪنهن فال جو ڪو اثر ئي ٿيندو. بلڪ مٿن انهن ڳالهين جو اثر نہ ٿيندو ڏسي هر ڪو چوندو تہ ’واہ، خدا پنهنجي قوم لاءِ ڇا ڇا نہ ڪيو آهي!‘


تڏهن بلعام پنهنجو الهامي گفتو شروع ڪندي چوڻ لڳو تہ ”موآب جي بادشاهہ بلق مون کي ارام ملڪ مان گھرايو. هائو، هن مون کي اوڀر واري جابلو علائقي مان سڏايو. هن چيو تہ ’اچ ۽ منهنجي خاطر بني يعقوب تي اچي لعنت ڪر، هائو، اچ ۽ منهنجي واسطي بني اسرائيل کي اچي ملامت ڪر.‘


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan