Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 23:5 - Muslim Sindhi Bible

5 تڏهن خداوند بلعام جي وات ۾ هڪڙي ڳالهہ وڌي ۽ چيائينس تہ ”موٽي وڃي بلق کي اها ڳالهہ چئي ٻڌاءِ.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 تڏهن خداوند بلعام کي هڪڙي ڳالهہ ٻڌائي، ۽ چيائينس، تہ بلق وٽ موٽي وڃ ۽ هيئن وڃي چويس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 23:5
14 Iomraidhean Croise  

تون ساڻس گفتگو ڪري کيس ٻڌائج تہ هن کي ڇا چوڻو آهي. آءٌ ڳالهائڻ ۾ اوهان ٻنهي جي مدد ڪندس ۽ اوهان کي ٻڌائيندس تہ ڇا ڇا ڪريو.


انسان پنهنجيءَ دل ۾ ڪهڙا بہ منصوبا جوڙي ٿو، مگر سندس زبان مان اهو ئي ٿو نڪري، جيڪو خداوند چاهي ٿو.


انسان پنهنجي لاءِ هڪڙي راهہ سوچي ٿو، مگر سندس هر قدم خداوند جي وس ۾ آهي.


مون آسمانن کي ڦهلائي سندن جاءِ تي قائم ڪيو آهي، ۽ زمين جا بنياد وڌا اٿم. آءٌ يروشلم وارن کي چوان ٿو تہ ’اوهين منهنجي قوم آهيو، مون ئي اوهان کي علم ڏيڻ سيکاريو آهي، ۽ پنهنجي هٿ هيٺ اوهان کي پناهہ ڏني اٿم.‘“


اوهان سان منهنجو هي عهد آهي تہ منهنجو روح اوهان کان پري نہ ٿيندو ۽ منهنجيون ڳالهيون هميشہ هميشہ اوهان جي زبان تي هونديون. هائو، هاڻي کان وٺي اهي اوهان جي اولاد جي ۽ اولاد جي اولاد جي زبان تي ابد تائين هونديون. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


پوءِ خداوند پنهنجو هٿ ڊگھيري منهنجي وات کي ڇهيو ۽ مون کي چيائين تہ ”مون پنهنجو فرمان تنهنجي وات ۾ وڌو آهي.


انهيءَ رات خدا بلعام وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ”جيڪڏهن هي ماڻهو تو کي وٺڻ آيا آهن تہ تون اُٿ ۽ بيشڪ انهن سان وڃ. پر جيڪي آءٌ تو کي چوان رڳو تنهن تي ئي عمل ڪجانءِ.“


پر خداوند جي ملائڪ بلعام کي چيو تہ ”تون ڀلي انهن ماڻهن سان وڃ. پر جيڪا ڳالهہ آءٌ تو کي چوان رڳو اها ئي تون چئجانءِ.“ سو بلعام بلق بادشاهہ جي موڪليل اڳواڻن سان گڏجي ويو.


خداوند بلعام سان مليو ۽ سندس وات ۾ هڪڙي ڳالهہ وجھي چيائينس تہ ”موٽي وڃي بلق کي اها ڳالهہ چئي ٻڌاءِ.“


خدا ساڻس مليو ۽ بلعام خدا کي چيو تہ ”مون ست قربان‌گاهون تيار ڪيون آهن ۽ هر هڪ قربان‌گاهہ تي هڪڙي وهڙي ۽ هڪڙي گھٽي جي قرباني ڪئي اٿم.“


سو هو انهيءَ وٽ موٽي آيو ۽ ڏٺائين تہ بلق موآب ملڪ جي سڀني اڳواڻن سميت پنهنجيءَ قربانيءَ جي ڀر ۾ بيٺو آهي.


ڇاڪاڻ تہ پاڪ روح ان ئي گھڙيءَ اوهان کي سيکاريندو تہ اوهان کي ڇا چوڻ کپي.“


حقيقت ۾ هن اها ڳالهہ پنهنجي طرفان نہ چئي، پر جيئن تہ هو انهيءَ سال جو وڏو سردار ڪاهن هو، تنهنڪري خدا ئي هن جي واتان اهو چوايو تہ عيسيٰ يهودي قوم لاءِ مرندو


آءٌ خداوند هنن جي لاءِ سندن بني اسرائيل قوم وارن منجھان ئي تو جهڙو هڪڙو نبي پيدا ڪندس. آءٌ پنهنجو فرمان انهيءَ جي وات ۾ وجھندس. جيڪو بہ حڪم آءٌ هن کي ڏيندس، سو هو کين ٻڌائيندو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan