Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 23:4 - Muslim Sindhi Bible

4 خدا ساڻس مليو ۽ بلعام خدا کي چيو تہ ”مون ست قربان‌گاهون تيار ڪيون آهن ۽ هر هڪ قربان‌گاهہ تي هڪڙي وهڙي ۽ هڪڙي گھٽي جي قرباني ڪئي اٿم.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 ۽ خدا بلعام کي گڏيو: ۽ هن چيس، تہ مون ست قربانگاهون تيار ڪيون آهن، ۽ هرهڪ قربانگاهہ تي هڪڙي وهڙي ۽ هڪڙي گهٽي جي قرباني چاڙهي اٿم.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 23:4
12 Iomraidhean Croise  

انهيءَ رات خدا بلعام وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ”جيڪڏهن هي ماڻهو تو کي وٺڻ آيا آهن تہ تون اُٿ ۽ بيشڪ انهن سان وڃ. پر جيڪي آءٌ تو کي چوان رڳو تنهن تي ئي عمل ڪجانءِ.“


خدا بلعام وٽ آيو ۽ کانئس پڇيائين تہ ”تو وٽ هي ڪهڙا ماڻهو آيا آهن؟“


پوءِ بلعام بلق کي چيو تہ ”هتي منهنجي لاءِ ست قربان‌گاهون ٺهرايو ۽ منهنجي لاءِ ست وهڙا ۽ ست گھٽا تيار رکو.“


خداوند بلعام سان مليو ۽ سندس وات ۾ هڪڙي ڳالهہ وجھي چيائينس تہ ”موٽي وڃي بلق کي اها ڳالهہ چئي ٻڌاءِ.“


تنهن بعد بلعام بلق کي چيو تہ ”توهان هتي پنهنجيءَ قربانيءَ وٽ بيهو ۽ آءٌ ٿورو پرڀرو وڃان ٿو. ٿي سگھي ٿو تہ خداوند مون سان ملڻ لاءِ اچي. سو جيڪي هو مون تي ظاهر ڪندو سو آءٌ توهان کي ٻڌائيندس.“ پوءِ هو هڪڙي ويران ٽڪريءَ تي چڙهي ويو.


تڏهن خداوند بلعام جي وات ۾ هڪڙي ڳالهہ وڌي ۽ چيائينس تہ ”موٽي وڃي بلق کي اها ڳالهہ چئي ٻڌاءِ.“


’اسان سڄو ڏينهن پورهيو ڪيو ۽ سج جي گرمي سَٺي، تڏهن بہ تو اسان کي اوتري ئي مزدوري ڏني آهي جيتري رڳو هڪڙو ڪلاڪ ڪم ڪندڙن کي ڏني اٿيئي.‘


آءٌ هفتي ۾ ٻہ ڏينهن روزو ٿو رکان ۽ پنهنجي سڄي ڪمائيءَ جو ڏهون حصو تنهنجي نالي تي ٿو ڏيان.‘


ڏسو، ماڻهو اوهان کي عبادت‌خانن مان نيڪالي ڏيئي ڇڏيندا، بلڪ اهو وقت بہ ايندو جڏهن ڪو اوهان کي قتل ڪندي ائين سمجھندو تہ ’آءٌ خدا جي خدمت ٿو ڪريان.‘


هاڻي ڪيڏانهن ويو اوهان جو فخر؟ انهيءَ جي تہ ڪا گنجائش ئي ناهي رهي. ڪهڙي شريعت جي ڪري؟ ڇا عمل واري شريعت جي ڪري؟ نہ، رڳو ايمان واري شريعت جي ڪري.


هائو، اهو اوهان جي عملن جي ڪري نہ آهي جو متان ڪو پاڻ تي فخر ڪري.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan