Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 23:27 - Muslim Sindhi Bible

27 بلق بلعام کي چيو تہ ”اچ تہ آءٌ تو کي ٻئي هنڌ وٺي ٿو هلان. خدا جي نظر ۾ شايد اهو چڱو هجي تہ تون اتان منهنجي خاطر هنن تي لعنت ڪرين.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

27 تڏهن بلق بلعام کي چيو تہ هاڻي اچ تہ آءٌ تو کي ٻئي هنڌ وٺي هلان تہ من خدا راضي ٿئي، ۽ اتان تون منهنجي خاطر انهن کي لعنت ڪرين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 23:27
12 Iomraidhean Croise  

مگر هو پنهنجي ارادي تي قائم رهڻ وارو آهي، ڪوبہ کيس ڦيرائي نہ ٿو سگھي، جيڪي کيس وڻي ٿو، سو ئي ڪري ٿو.


ماڻهو تہ پنهنجيءَ دل ۾ گھڻا ئي منصوبا ٿو جوڙي، مگر ٿئي اهو ٿو جيڪو خداوند چاهي ٿو.


جيڪڏهن خداوند ڪنهن جي خلاف آهي تہ ڪابہ ڏاهپ، سوچ سمجھہ يا صلاح مصلحت ڪم نہ ٿي اچي.


هائو، مون قادرِمطلق خداوند ئي اهي منصوبا جوڙيا آهن، هاڻي ڪنهن کي طاقت آهي جو مون کي روڪي سگھي؟ اهڙو ڪوبہ ڪونهي، جيڪو منهنجي وڌيل هٿ کي پوئتي هٽائي سگھي.“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ خداوند پنهنجي واعدي تان نہ ڦرندو آهيان، انهيءَ ڪري اي يعقوب جو اولاد! اوهين پوريءَ طرح برباد نہ ٿيا آهيو.


سو هاڻي اچ ۽ منهنجي خاطر هنن ماڻهن تي اچي لعنت ڪر، ڇو تہ هو مون کان وڌيڪ طاقتور آهن. پوءِ شايد آءٌ انهن کي شڪست ڏيئي ملڪ مان ڀڄائي ڪڍي سگھان. مون کي خبر آهي تہ جنهن کي تون برڪت ٿو ڏين سو برڪت وارو ٿو ٿئي ۽ جنهن تي تون لعنت ٿو ڪرين سو لعنتي ٿو ٿئي.“


پوءِ بلق بلعام کي چيو تہ ”هاڻي مون سان گڏجي ٻئي هنڌ هل، جتان تون انهن سڀني کي نہ، پر رڳو پڇاڙيءَ وارن کي ڏسي سگھندين. پوءِ تون انهن تي منهنجي خاطر لعنت ڪر.“


بلعام کيس ورندي ڏيئي چيو تہ ”مون توهان کي چيو ڪين هو تہ جيڪي خداوند مون کي فرمائيندو، سو ئي مون کي ڪرڻو آهي؟“


سو بلق بلعام کي پعور جبل جي چوٽيءَ تي وٺي ويو، جتان هيٺ بيابان نظر ٿي آيو.


ڇاڪاڻ تہ خدا پنهنجي ڪيل چونڊ ۽ پنهنجي ڏنل نعمتن کان ڦري نہ ٿو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan