ڳاڻاٽو 23:24 - Muslim Sindhi Bible24 ڏس، بني اسرائيل زورآور شينهڻ جيان اُٿي کڙا ٿيا آهن، اهڙي شينهڻ جيان جيڪا تيستائين آرام نہ ٿي ڪري جيستائين شڪار کي نہ ٿي ڳڙڪائي ۽ انهيءَ جو رت نہ ٿي پيئي.“ Faic an caibideilSindhi Bible24 ڏس، هيءَ قوم شينهڻ وانگر اُٿي ٿي، ۽ شينهن وانگي پاڻ کي کڙو ٿي ڪري: هوءَ تيسين ڪين سمهندي، جيسين شڪار مان ڪجهہ نہ کائي، ۽ مقتول جو رت نہ پيئي. Faic an caibideil |
توهان پنهنجي خواب ۾ اهو بہ ڏٺو تہ انساني هٿ لڳڻ کان سواءِ هڪ پٿر ٽڪر مان ٽٽي نڪتو. انهيءَ پٿر لوهہ، پتل، ٺڪر، چانديءَ ۽ سون کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو. انهيءَ جو مطلب هي آهي تہ انهن ئي حڪمرانن جي ڏينهن ۾ عرش عظيم وارو خدا هڪڙي اهڙي بادشاهت قائم ڪندو، جيڪا ڪڏهن بہ ناس نہ ٿيندي. نڪي انهيءَ جي حڪمراني ڪنهن ٻيءَ قوم جي حوالي ڪئي ويندي. اٽلندو اها ٻين سڀني شهنشاهتن کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ناس ڪندي ۽ پاڻ هميشہ لاءِ قائم رهندي. سو اي بادشاهہ! ائين ڪرڻ سان عظيم خدا توهان کي اهو ڪجھہ ڏيکاريو آهي، جيڪو ايندڙ وقت ۾ ٿيندو. توهان اهو ئي خواب ڏٺو آهي ۽ ائين ئي ٿيڻو آهي.“