Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 23:22 - Muslim Sindhi Bible

22 بيشڪ جنهن خدا کين مصر ملڪ مان ڪڍي آندو، سو ڪيڏي نہ وڏي قدرت وارو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

22 خدا هنن کي مصر مان ڪڍي آندو آهي؛ هنن ۾ ڄڻ جهنگلي سان جهڙو زور آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 23:22
14 Iomraidhean Croise  

مون کي هنن بگھڙن جي وات منجھان اچي ڇڏاءِ. هائو، تون مون کي هنن ويڙهاڪن سانَهن جي سڱن کان بچاءِ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ بلڪل لاچار آهيان.


اي خدا! تون پنهنجيءَ مقدس جاءِ ۾ ڪيڏو نہ هيبتناڪ آهين، اي بني اسرائيل جا خدا! تون پنهنجيءَ قوم کي زور ۽ طاقت بخشين ٿو. شال خدا سڳورو هجي.


پر مون کي تو جھنگلي سانَهہ جهڙي سگھہ عطا ڪئي آهي، ۽ چڱين چڱين برڪتن سان نوازيو اٿيئي.


انهن چار سؤ ٽيهن سالن گذرڻ کان پوءِ انهيءَ ساڳئي ڏينهن تي خداوند جي قوم جا سڀ قبيلا مصر جي ملڪ مان نڪري ٻاهر ٿيا.


انهيءَ ساڳئي ڏينهن خداوند بني اسرائيل جي سموري قوم کي مصر جي ملڪ مان ٻاهر آندو.


جڏهن آءٌ انهن تي فتح حاصل ڪندس، تڏهن مصرين کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند آهيان.“


”آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو، جتي اوهين غلام هئا.


پر حقيقت ڪري مون تو کي رڳو انهيءَ سبب جيئرو رهڻ ڏنو آهي تہ جيئن تو کي پنهنجي قدرت ڏيکاريان ۽ انهيءَ سان منهنجو نالو سڄيءَ دنيا ۾ روشن ٿئي.


ادوم جا جھنگلي سانَهہ ماڻهن سان گڏ ماريا ويندا. بلڪ سندن طاقتور ڏاند پڻ ماريا ويندا. انهن جي ملڪ کي سندن رت سان ريج اچي ويندو، ۽ هنن جي چرٻي سندن ٻنين کي ڀري ڇڏيندي.“


بعور جي پٽ بلعام کي وٺي اچڻ لاءِ قاصد موڪليا. بلعام فرات نديءَ جي ويجھو پنهنجي وطن جي فتور شهر ۾ رهندو هو. بلق قاصدن کي پيغام ڏنو تہ ”هڪڙي قوم مصر مان نڪري آئي آهي ۽ روءِ‌زمين تي پکڙجي ويئي آهي. هاڻي اها قوم منهنجي سامهون اچي لٿي آهي.


بيشڪ جنهن خدا اوهان کي مصر ملڪ مان ڪڍي آندو، سو ڪيڏي نہ وڏي قدرت وارو آهي. هو پنهنجي مخالف قومن جا هڏا ڀڃي ڀوري ڇڏيندو، ۽ پنهنجي تيرن سان کين چچري ناس ڪري ڇڏيندو.


جيئن جوان ڍڳو يا جھنگلي سانَهہ تمام طاقتور ٿين ٿا، تيئن بني يوسف جي طاقت ئي سندن شان آهي. جهڙيءَ طرح جھنگلي سانُهہ پنهنجي سڱن سان حملو ڪري ٿو، تهڙيءَ ئي طرح افرائيم ۽ منسي قبيلي وارن جا لکين ماڻهو سڀني قومن کي ڌِڪي ڌرتيءَ جي ڇيڙي تائين پهچائيندا.“


اسان ٻڌو آهي تہ جڏهن اوهين مصر مان ٿي نڪتا، تڏهن ڪهڙيءَ طرح خداوند اوهان جي لاءِ ڳاڙهي سمنڊ جو پاڻي سڪائي ڇڏيو هو. اسان اهو بہ ٻڌو آهي تہ اوهان اردن درياءَ جي اوڀر طرف امورين جي ٻن بادشاهن، سيحون ۽ عوج جون ڪيئن پاڙون پٽي ڇڏيون.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan