Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 23:20 - Muslim Sindhi Bible

20 ڏس، مون کي برڪت ڏيڻ جو حڪم مليو آهي، هاڻي خدا جي ڏنل برڪت کي آءٌ ڪيئن ٿو بدلائي سگھان؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

20 ڏس مون کي حڪم مليو آهي تہ برڪت ڏيان: هن برڪت ڏني آهي، انهيءَ کي آءٌ بدلائي نٿو سگهان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 23:20
12 Iomraidhean Croise  

آءٌ تو کي برڪت ڏيندس ۽ تو مان هڪڙي وڏي قوم پيدا ڪندس. آءٌ تنهنجو نالو روشن ڪندس ۽ تو کي ٻين لاءِ برڪت جو سبب بڻائيندس.


سو آءٌ واعدو ٿو ڪريان تہ آءٌ تو کي ايترو تہ گھڻو اولاد ڏيندس جيترا آسمان ۾ تارا آهن، يا جيترا سمنڊ جي ڪناري جي واريءَ جا ذرڙا آهن. تنهنجو اولاد پنهنجي دشمنن تي فتح حاصل ڪندو.


اسحاق کي ڏڪڻي وٺي ويئي. هو چوڻ لڳو تہ ”پوءِ اهو ڪير هو جيڪو شڪار ڪري مون وٽ کڻي آيو ۽ تنهنجي اچڻ کان اڳ ۾ اهو کائي کيس دعا ڏنم. هاڻي انهيءَ تي ئي هميشہ برڪت رهندي.“


هاڻي تو پنهنجي هن ٻانهي جي گھراڻي کي برڪت ڏني آهي، تہ اهو تنهنجي حضور ۾ هميشہ تائين قائم رهي. جيئن تہ اي خداوند! تو کيس برڪت ڏني آهي، تنهنڪري بيشڪ اهو هميشہ سڳورو رهندو.“


ياد رکو، اڄ بہ آءٌ اهو ئي خدا آهيان. اهڙو ڪوبہ ڪونهي جيڪو منهنجي هٿان ڇڏائي سگھي. ڪنهن کي طاقت آهي جيڪو منهنجي ڪم ۾ رڪاوٽ وجھي سگھي؟“


پر خدا بلعام کي فرمايو تہ ”تون هنن سان نہ وڃ ۽ نہ وري انهن ماڻهن تي لعنت ڪر، ڇاڪاڻ تہ اها قوم برڪت واري آهي.“


تنهن تي بلعام جواب ڏنو تہ ”جيڪڏهن بلق چانديءَ ۽ سون سان ڀريل پنهنجو گھر بہ مون کي ڏئي تڏهن بہ آءٌ ننڍي ۾ ننڍي يا وڏي ۾ وڏي ڳالهہ ۾ بہ خداوند پنهنجي خدا جي حڪم کان ٻاهر وڃي ڪين سگھندس.


بلعام جواب ڏنس تہ ”هاڻي جو آءٌ توهان وٽ اچي ويو آهيان تہ ڇا مون کي ايتري مجال آهي جو جيڪي وڻيم سو چوان؟ بلڪ جيڪا ڳالهہ خدا مون کان چوائيندو، سا ئي آءٌ چوندس.“


اهڙيءَ طرح هو منهنجو نالو وٺي بني اسرائيل لاءِ دعا گھرندا تہ آءٌ انهن کي برڪت ڏيندس.“


اوهين خدا جي قدرت سان ايمان جي وسيلي حفاظت ۾ آهيو، ايستائين جو اهو مڪمل ڇوٽڪارو حاصل ڪريو جيڪو آخري ڏينهن تي ظاهر ٿيڻ لاءِ تيار آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan