Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 23:2 - Muslim Sindhi Bible

2 بلق ائين ئي ڪيو جيئن بلعام چيو هئس. پوءِ بلق بلعام سان گڏجي هر هڪ قربان‌گاهہ تي هڪڙي وهڙي ۽ هڪڙي گھٽي جي قرباني ڪئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 سو بلق ائين ئي ڪيو جيئن بلعام چيو؛ ۽ بلق ۽ بلعام هرهڪ قربانگاهہ تي هڪڙي وهڙي ۽ هڪڙي گهٽي جي قرباني چاڙهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 23:2
6 Iomraidhean Croise  

ان کان علاوہ عيد فصح جي ستن ئي ڏينهن تي هو روزانو ست بي‌عيب ڍڳا ۽ ست گھٽا مون خداوند کي خوش ڪرڻ لاءِ ساڙڻ واري قربانيءَ طور پيش ڪري. هو هر روز هڪڙو ٻڪر گناهہ کان پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ پڻ پيش ڪري.


پوءِ بلعام بلق کي چيو تہ ”هتي منهنجي لاءِ ست قربان‌گاهون ٺهرايو ۽ منهنجي لاءِ ست وهڙا ۽ ست گھٽا تيار رکو.“


سو هو کيس صوفيم جي ميدان ۾ پسگاہ جي چوٽيءَ تي وٺي ويو. اتي بہ بلق ست قربان‌گاهون ٺاهيون ۽ هر هڪ قربان‌گاهہ تي هڪ وهڙي ۽ هڪ گھٽي جي قرباني ڪيائين.


اتي بلعام بلق کي چيو تہ ”هتي منهنجي لاءِ ست قربان‌گاهون ٺهراءِ ۽ منهنجي لاءِ ست وهڙا ۽ ست گھٽا تيار رک.“


تنهن بعد بلعام بلق کي چيو تہ ”توهان هتي پنهنجيءَ قربانيءَ وٽ بيهو ۽ آءٌ ٿورو پرڀرو وڃان ٿو. ٿي سگھي ٿو تہ خداوند مون سان ملڻ لاءِ اچي. سو جيڪي هو مون تي ظاهر ڪندو سو آءٌ توهان کي ٻڌائيندس.“ پوءِ هو هڪڙي ويران ٽڪريءَ تي چڙهي ويو.


بلق ائين ئي ڪيو جيئن بلعام کيس چيو. هن هر هڪ قربان‌گاهہ تي هڪڙي وهڙي ۽ هڪڙي گھٽي جي قرباني ڪئي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan