Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 23:16 - Muslim Sindhi Bible

16 خداوند بلعام سان مليو ۽ سندس وات ۾ هڪڙي ڳالهہ وجھي چيائينس تہ ”موٽي وڃي بلق کي اها ڳالهہ چئي ٻڌاءِ.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

16 ۽ خداوند بلعام کي گڏيو، ۽ هن کي هڪڙي ڳالهہ ٻڌايائين، ۽ چيائينس تہ بلق وٽ موٽي وڃ، ۽ هيئن وڃي چويس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 23:16
7 Iomraidhean Croise  

انهيءَ رات خدا بلعام وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ”جيڪڏهن هي ماڻهو تو کي وٺڻ آيا آهن تہ تون اُٿ ۽ بيشڪ انهن سان وڃ. پر جيڪي آءٌ تو کي چوان رڳو تنهن تي ئي عمل ڪجانءِ.“


پر خداوند جي ملائڪ بلعام کي چيو تہ ”تون ڀلي انهن ماڻهن سان وڃ. پر جيڪا ڳالهہ آءٌ تو کي چوان رڳو اها ئي تون چئجانءِ.“ سو بلعام بلق بادشاهہ جي موڪليل اڳواڻن سان گڏجي ويو.


تڏهن بلعام بلق کي چيو تہ ”توهان هتي پنهنجي قربانيءَ وٽ بيهو، آءٌ هوڏانهن وڃي خداوند سان ملي اچان.“


سو هو انهيءَ وٽ موٽي آيو ۽ ڏٺائين تہ بلق موآب ملڪ جي اڳواڻن سميت پنهنجي قربانيءَ جي ڀر ۾ بيٺو آهي. بلق کانئس پڇيو تہ ”خداوند ڇا فرمايو؟“


تڏهن خداوند بلعام جي وات ۾ هڪڙي ڳالهہ وڌي ۽ چيائينس تہ ”موٽي وڃي بلق کي اها ڳالهہ چئي ٻڌاءِ.“


هاڻ جڏهن بلعام ڏٺو تہ خداوند جي نظر ۾ بني اسرائيل کي ئي برڪت ڏيڻ سٺو آهي، تڏهن هو اڳي وانگر فال ڪڍڻ ڪين ويو، بلڪ بيابان ڏانهن کڻي منهن ڪيائين.


آءٌ خداوند هنن جي لاءِ سندن بني اسرائيل قوم وارن منجھان ئي تو جهڙو هڪڙو نبي پيدا ڪندس. آءٌ پنهنجو فرمان انهيءَ جي وات ۾ وجھندس. جيڪو بہ حڪم آءٌ هن کي ڏيندس، سو هو کين ٻڌائيندو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan