Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 23:14 - Muslim Sindhi Bible

14 سو هو کيس صوفيم جي ميدان ۾ پسگاہ جي چوٽيءَ تي وٺي ويو. اتي بہ بلق ست قربان‌گاهون ٺاهيون ۽ هر هڪ قربان‌گاهہ تي هڪ وهڙي ۽ هڪ گھٽي جي قرباني ڪيائين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

14 سو هو کيس ضوفيم جي ميدان ۾، پسگہ جي چوٽيءَ تي وٺي ويو، ۽ اتي ست قربانگاهون جوڙيائين، ۽ هرهڪ قربانگاهہ تي هڪڙي وهڙي ۽ هڪڙي گهٽي جي قرباني چاڙهيائين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 23:14
11 Iomraidhean Croise  

ڪي ماڻهو پنهنجي ٿيلهين مان سون ڪڍي، ۽ چاندي تارازيءَ ۾ توري آڻي سوناري کي ٿا ڏين. پوءِ ڇا ٿو ٿئي جو اهو سونارو سندن لاءِ انهيءَ مان هڪڙو معبود جوڙي تيار ٿو ڪري، جنهن جي آڏو هو سجدو ڪري کيس پوڄين ٿا.


پر جِلعاد جي علائقي ۾ اڃا تائين بدڪاري ۽ نسوري بيهودگي آهي، هائو، جِلجال شهر ۾ ڪراهت جهڙن بتن جي لاءِ اوهين ڍڳن کي قربان ٿا ڪريو. اوهان جون قربان‌گاهون ايتريون تہ گھڻيون آهن، جيئن ٻنين ۾ ڀترن جا ڍڳ هجن.


هو بامات مان روانا ٿيا ۽ موآب جي ميدان ۾ جيڪا ماٿري آهي تنهن ۾ پسگاہ جبل جي انهيءَ چوٽيءَ تي آيا، جتان هيٺ رڻ‌پٽ ڏيکاربو آهي.


پوءِ بلق بلعام کي چيو تہ ”هاڻي مون سان گڏجي ٻئي هنڌ هل، جتان تون انهن سڀني کي نہ، پر رڳو پڇاڙيءَ وارن کي ڏسي سگھندين. پوءِ تون انهن تي منهنجي خاطر لعنت ڪر.“


تڏهن بلعام بلق کي چيو تہ ”توهان هتي پنهنجي قربانيءَ وٽ بيهو، آءٌ هوڏانهن وڃي خداوند سان ملي اچان.“


اتي بلعام بلق کي چيو تہ ”هتي منهنجي لاءِ ست قربان‌گاهون ٺهراءِ ۽ منهنجي لاءِ ست وهڙا ۽ ست گھٽا تيار رک.“


تون پسگاہ جبل جي چوٽيءَ تي چڙهي وڃ ۽ چئني طرفن ڏانهن نهاري پنهنجين اکين سان ڏس، ڇاڪاڻ تہ تون انهيءَ اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر نہ ويندين.


پوءِ موسيٰ موآب جي ميدان مان نبو جبل جي پسگاہ نالي چوٽيءَ تي چڙهي ويو، جيڪا يريحو شهر جي سامهون آهي. خداوند هن کي جِلعاد جو سڄو علائقو اتر طرف دان شهر تائين ڏيکاريو.


انهيءَ ۾ اردن درياءَ جي اوڀر پاسي وارو سڄو ميدان ويندي کاري سمنڊ جي پسگاہ جبل وارين لاهين جي هيٺ تائين شامل آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan