Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 23:10 - Muslim Sindhi Bible

10 بني يعقوب، جنهن جو اولاد واريءَ جي ذرڙن جيترو گھڻو آهي، تنهن کي ڪير ڳڻي سگھندو؟ بلڪ سندن رڳو چوٿين حصي جو بہ ڪو شمار نہ ٿو ڪري سگھي. شل مون بلعام جي پڇاڙي بہ انهن سچارن جهڙي ٿئي، بلڪ شل آءٌ انهن سچارن وارو موت مران.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

10 ڪير يعقوب جي مٽيءَ جا ذرا ڳڻي سگهندو، يا ڪير اسرائيل جي چوٿين حصي جو شمار ڪري سگهندو؟ شل آءٌ راستبازن وارو موت مران، شل منهنجي پڇاڙي انهن جهڙي ٿئي!

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 23:10
20 Iomraidhean Croise  

آءٌ تو کي ايترو تہ اولاد ڏيندس جو واريءَ جي ذرڙن وانگر ڪوبہ انهن کي ڳڻي نہ سگھندو.


سو آءٌ واعدو ٿو ڪريان تہ آءٌ تو کي ايترو تہ گھڻو اولاد ڏيندس جيترا آسمان ۾ تارا آهن، يا جيترا سمنڊ جي ڪناري جي واريءَ جا ذرڙا آهن. تنهنجو اولاد پنهنجي دشمنن تي فتح حاصل ڪندو.


اُهي ايترا تہ گھڻا ٿيندا جيترا زمين تي واريءَ جا ذرڙا آهن. اهي چئني طرفن ڏانهن پکڙجي ويندا ۽ دنيا جي سڀني قومن کي تنهنجي ۽ تنهنجي اولاد جي وسيلي برڪت ملندي.


بيشڪ خداوند جي نيڪ بندن جو موت بہ، سندس نظرن ۾ ڪيڏو نہ اَملهہ آهي!


مگر نيڪ ماڻهن تي نظر ڪريو ۽ سچارن ڏانهن نهاريو، ڏسو تہ امن پسند ماڻهن جو مستقبل ڪيڏو نہ روشن آهي!


بدڪار ماڻهو پنهنجي بڇڙن ڪمن جي ڪري برباد ٿيو وڃي، مگر سچار ماڻهو پنهنجي ايمانداريءَ جي ڪري محفوظ رهي ٿو.


سو روبن جي منزلگاهہ مان انهن ٽن قبيلن جي لشڪرن جي شمار موجب هڪ لک ايڪونجاهہ هزار چار سؤ پنجاهہ مرد آهن. اهي سڀ روبن جي خيمي‌گاهہ جي نشان وارا ٻئي نمبر تي منزل پٽي هلن.


سو افرائيم جي منزلگاهہ مان انهن ٽن قبيلن جي لشڪرن جي شمار موجب هڪ لک اٺ هزار هڪ سؤ مرد آهن. اهي سڀ افرائيم جي خيمي‌گاهہ جي نشان وارا ٽئين نمبر تي منزل پٽي هلن.


سو دان جي منزلگاهہ مان انهن ٽن قبيلن جي لشڪرن جي شمار موجب هڪ لک ستونجاهہ هزار ڇهہ سؤ مرد آهن. اهي سڀ دان جي خيمي‌گاهہ وارا پنهنجي پنهنجي نشان هيٺ آخر ۾ منزل پٽي هلن.“


سو يهوداہ جي منزلگاهہ مان انهن ٽن قبيلن جي لشڪرن جي شمار موجب هڪ لک ڇهاسي هزار چار سؤ مرد آهن. اهي سڀ يهوداہ جي خيمي‌گاهہ جي نشان وارا پهريائين منزل پٽي هلن.


انهن مئلن ۾ مديان جا پنج بادشاهہ اَوي، رقم، صور، حور ۽ ربع بہ هئا. هنن بعور جي پٽ بلعام کي بہ تلوار سان قتل ڪري ڇڏيو.


انهيءَ جو سبب هي آهي جو اسين ڄاڻون ٿا تہ اسان جو جسم جيڪو هن ڌرتيءَ تي جھوپڙيءَ جهڙو ڪچو گھر آهي، سو جيڪڏهن ڊاهيو وڃي تہ بہ اسان لاءِ خدا وٽ آسمان تي هڪڙو پڪو گھر آهي. اهو انساني هٿن سان جوڙيل نہ آهي، بلڪ هميشہ قائم رهندڙ آهي.


پوءِ مون آسمان ۾ هڪڙو آواز ٻڌو جنهن چيو تہ ”اهو لک تہ ’سڀاڳا آهن اهي، جيڪي اڄ کان وٺي خداوند عيسيٰ جا ٿي ٿا مرن.‘“ پاڪ روح چوي ٿو تہ ”هائو، اهي پنهنجي پورهين کان واندا ٿي آرام ڪندا، ڇاڪاڻ تہ اهي پنهنجي ڪمن جو نتيجو پاڻ سان کڻي ٿا وڃن.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan