Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 23:1 - Muslim Sindhi Bible

1 پوءِ بلعام بلق کي چيو تہ ”هتي منهنجي لاءِ ست قربان‌گاهون ٺهرايو ۽ منهنجي لاءِ ست وهڙا ۽ ست گھٽا تيار رکو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 پوءِ بلعام بلق کي چيو تہ، هتي منهنجي لاءِ ست قربانگاهون جوڙاءِ، ۽ هتي منهنجي لاءِ ست وهڙا ۽ ست گهٽا تيار ڪر.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 23:1
19 Iomraidhean Croise  

عملدار اعليٰ وڌيڪ انهن ماڻهن کي چيو تہ ”پر جيڪڏهن اوهين مون کي چوندا تہ ’اسان جو ڀروسو خداوند پنهنجي خدا تي آهي،‘ تہ پوءِ هو اهو ساڳيو معبود نہ آهي ڇا جنهن جون عبادت‌گاهون ۽ قربان‌گاهون حزقياہ ختم ڪرائي ڇڏيون؟ بلڪ هن يروشلم وارن توڙي سڄي يهوداہ وارن کي چيو تہ ’اوهين رڳو يروشلم واري قربان‌گاهہ تي قربانيون چاڙهيو.‘


جيئن تہ خدا انهن لاوين جي مدد ڪئي جيڪي خداوند جي عهد واري صندوق کنيو پئي آيا، سو ست ڏاند ۽ ست گھٽا قربان ڪيا ويا.


هنن ست ڍڳا، ست گھٽا، ست گھيٽا ۽ ست ٻڪر شاهي گھراڻي، هيڪل ۽ يهوداہ وارن لاءِ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور آندا. سڀيئي ڪاهنن جيڪي هارون جي اولاد مان هئا تن کي بادشاهہ حزقياہ چيو تہ هو اهي خداوند جي قربان‌گاهہ تي قربان ڪن.


تنهنڪري هاڻي اوهين ست ڍڳا ۽ ست گھٽا وٺي منهنجي ٻانهي ايوب وٽ اچو ۽ پنهنجي لاءِ ساڙڻ واري قرباني پيش ڪريو. منهنجو ٻانهو ايوب اوهان جي حق ۾ دعا گھرندو تہ آءٌ انهيءَ جي دعا قبول ڪندس ۽ اوهان جي بي‌عقليءَ مطابق اوهان سان هلت نہ ڪندس، جيتوڻيڪ اوهان مون بابت حق جي ڳالهہ نہ ڪئي جيئن منهنجي ٻانهي ايوب ڪئي.“


اوهين منهنجي لاءِ مٽيءَ جي هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهجو. انهيءَ تي پنهنجين ساڙڻ وارين قربانين ۽ پنهنجي سلامتيءَ جي قربانين ڪرڻ واسطي پنهنجيون رڍون ٻڪريون ۽ ڏاند ڳئون قربان ڪجو. هر انهيءَ جاءِ تي جيڪا آءٌ پنهنجي عبادت لاءِ مقرر ڪندس، اُتي آءٌ اوهان وٽ ايندس ۽ اوهان کي برڪت ڏيندس.


سچارن جي دعا گھرڻ تي خداوند خوش ٿو ٿئي، مگر بدڪارن جي قربانين کان بہ هن کي نفرت آهي.


سو اهي سڀ ٽولا ٽولا ٿي تو وٽ اچن ٿا ۽ تنهنجيون ڳالهيون ٻڌن ٿا. پر هو تنهنجي ٻڌايل ڳالهين تي عمل نہ ٿا ڪن. اهي هميشہ شهوت‌پرستيءَ جون ڳالهيون ڪندا ٿا رهن ۽ ٺڳيءَ ذريعي ٻين کي لٽڻ ڦرڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا.


ان کان علاوہ عيد فصح جي ستن ئي ڏينهن تي هو روزانو ست بي‌عيب ڍڳا ۽ ست گھٽا مون خداوند کي خوش ڪرڻ لاءِ ساڙڻ واري قربانيءَ طور پيش ڪري. هو هر روز هڪڙو ٻڪر گناهہ کان پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ پڻ پيش ڪري.


ٻئي ڏينهن صبح جو بلق بلعام کي پاڻ سان بامات‌بعل جي مٿاهينءَ جاءِ تي وٺي ويو، جتان بلعام بني اسرائيل جي خيمي‌گاهہ جو آخري حصو ڏسي ٿي سگھيو.


بلق ائين ئي ڪيو جيئن بلعام چيو هئس. پوءِ بلق بلعام سان گڏجي هر هڪ قربان‌گاهہ تي هڪڙي وهڙي ۽ هڪڙي گھٽي جي قرباني ڪئي.


اتي بلعام بلق کي چيو تہ ”هتي منهنجي لاءِ ست قربان‌گاهون ٺهراءِ ۽ منهنجي لاءِ ست وهڙا ۽ ست گھٽا تيار رک.“


بلق ائين ئي ڪيو جيئن بلعام کيس چيو. هن هر هڪ قربان‌گاهہ تي هڪڙي وهڙي ۽ هڪڙي گھٽي جي قرباني ڪئي.


ستين ڏينهن تي ست وهڙا، ٻہ گھٽا ۽ چوڏهن هڪسالا گھيٽا پيش ڪجو، جي سڀ بي‌عيب هجن.


”ڪيڏي نہ مصيبت آهي اوهان لاءِ اي شريعت جا عالمؤ ۽ فريسيؤ! اي رياڪارؤ! اوهين آسمان جي بادشاهيءَ جو دروازو ماڻهن لاءِ بند ڪري ٿا ڇڏيو. نہ اوهين پاڻ ان ۾ داخل ٿا ٿيو ۽ نہ وري جيڪي اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ٿا ڪن تن کي ئي اچڻ ڏيو ٿا.


مصيبت آهي هنن لاءِ! ڇاڪاڻ تہ هي قابيل جي واٽ تي ٿا هلن، نفعي جي خاطر بلعام جهڙي گمراهيءَ ۾ ڪاهي پيا آهن ۽ قورح وانگر بغاوت ڪري برباد ٿا ٿين.


پر سموئيل کيس وراڻيو تہ ”خداوند کي جهڙي خوشي سندس حڪمن تي عمل ڪرڻ مان ٿيندي آهي، تهڙي سندس لاءِ قرباني ڪرڻ مان ٿيندي اٿس ڇا؟ ياد رک، فرمانبرداري قربانيءَ کان بهتر آهي، ۽ حڪم تي عمل ڪرڻ گھٽن جي نذراني کان افضل آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan