Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 22:9 - Muslim Sindhi Bible

9 خدا بلعام وٽ آيو ۽ کانئس پڇيائين تہ ”تو وٽ هي ڪهڙا ماڻهو آيا آهن؟“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 ۽ خدا بلعام وٽ اچي چيو تہ تو وٽ هي ڪهڙا ماڻهو آيا آهن؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 22:9
16 Iomraidhean Croise  

هن کيس چيو تہ ”اي سارائيءَ جي ٻانهي هاجرہ! تون ڪٿان ٿي اچين ۽ ڪيڏانهن ٿي وڃين؟“ هن وراڻيو تہ ”آءٌ پنهنجي مالڪياڻي سارائيءَ وٽان ڀڄي نڪتي آهيان.“


پر رات جو خدا کيس خواب ۾ ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ ”جيڪا عورت تو پاڻ وٽ گھرائي آهي، تنهن جي ڪري تون مرندين، ڇاڪاڻ تہ اها اڳ ۾ ئي پرڻيل آهي.“


پر خدا رات جو خواب ۾ لابن اراميءَ کي چيو تہ ”خبردار، متان يعقوب کي ڪجھہ چڱو مَٺو چوين.“


تڏهن خداوند قابيل کان پڇيو تہ ”تنهنجو ڀاءُ هابيل ڪٿي آهي؟“ قابيل وراڻيو تہ ”مون کي خبر ناهي، آءٌ ڪو پنهنجي ڀاءُ جو سنڀاليندڙ آهيان ڇا؟“


تڏهن يوسف فرعون کي چيو تہ ”انهن ٻنهي خوابن جو مطلب ساڳيو ئي آهي. خدا جيڪي ڪرڻ وارو آهي، سو تو کي ڏيکاريو اٿس.


تنهن تي خداوند موسيٰ کان پڇيو تہ ”تنهنجي هٿ ۾ ڇا آهي؟“ موسيٰ وراڻيو تہ ”لٺ آهي.“


بلعام ورندي ڏني تہ ”موآب جي بادشاهہ بلق ولد صفور مون ڏانهن چوائي موڪليو آهي تہ


انهيءَ رات خدا بلعام وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ”جيڪڏهن هي ماڻهو تو کي وٺڻ آيا آهن تہ تون اُٿ ۽ بيشڪ انهن سان وڃ. پر جيڪي آءٌ تو کي چوان رڳو تنهن تي ئي عمل ڪجانءِ.“


بلعام کين چيو تہ ”اوهين اڄ رات هتي رهي پئو. جيئن خداوند مون کي فرمائيندو تيئن آءٌ اوهان کي سڀاڻي جواب ڏيندس.“ سو موآب جا اهي اڳواڻ اها رات بلعام وٽ رهي پيا.


ڇاڪاڻ تہ اهڙا ڪوڙا ماڻهو ظاهر ٿيندا جيڪي پاڻ کي مسيح يا نبي سڏائيندا. اهي وڏيون نشانيون ڏيکاريندا ۽ حيرت جهڙا ڪم ڪندا، انهيءَ مقصد لاءِ تہ جيڪڏهن کانئن ٿي سگھي تہ خدا جي چونڊيلن کي بہ گمراهہ ڪري ڇڏين.


قيامت جي ڏينهن گھڻا ئي مون کي چوندا تہ ’اي خداوند! اي خداوند! اسان تنهنجي نالي تي خدا جو پيغام نہ ڏنو ڇا؟ اسان تنهنجي نالي تي ڀوت نہ ڪڍيا ڇا؟ اسان تنهنجي نالي تي ڪيترائي معجزا نہ ڪيا ڇا؟‘


حقيقت ۾ هن اها ڳالهہ پنهنجي طرفان نہ چئي، پر جيئن تہ هو انهيءَ سال جو وڏو سردار ڪاهن هو، تنهنڪري خدا ئي هن جي واتان اهو چوايو تہ عيسيٰ يهودي قوم لاءِ مرندو


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan